ڊاڪٽر فھميده حسين

ڊاڪٽر فھميده حسين

فھميدہ حسين ڊاڪٽر

فھميدہ حسين، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فھميدہ حُسين 5 جولاءِ 1948ع تي اُستاد ۽ عالم محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب سنڌيءَ جو استاد هئڻ سان گڏ عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جو بہ وڏو ڄاڻو هو. فھميدہ حُسين 1964ع ۾ مئٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان، بي. ايس. سي 1968ع ۾ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان، ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ 1972ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين، جنھن ۾ سندس ٻي پوزيشن آئي. اُن بعد 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. هن ’شاھہ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو رُوپ‘ جي عنوان سان مقالو لکي، ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي نگرانيءَ ۾ 1992ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر فھميدہ حُسين پنھنجي زندگيءَ کي عملي رُوپ ۾ ريڊيو تان نروار ڪيو. ڪُجهہ وقت لاءِ هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر طور نوڪري بہ ڪئي. هوءَ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ انگريزيءَ شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، جتي ڪُجهہ عرصو پڙهايائين. 1974ع ۾ سندس شادي عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي، جنھن ڪري کيس ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، جتي ترقي ڪندي 1995ع کان پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، اڳتي هلي ساڳي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. 1998ع کان شاھہ لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر جي عھدي تي رهندي ڏهن سالن تائين خدمتون سر انجام ڏنائين. شاھہ لطيف چيئر ۾ رهندي، هن ڪيتريون ئي قومي ۽ عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. هن چيئر پاران ٽماهي تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جاري ڪيو ۽ شاھہ لطيف بابت ڪيترا ئي تحقيقي ڪتاب شايع ڪرايا، جنھن جي مڃتا ۾ کيس ’لطيف ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر فھميدہ حُسين لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب ۾ آکاڻيون لکڻ سان ڪئي. 1968ع کان پوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ’بادل‘ جي عورتن جي صفحي جي انچارج بڻي ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس افسانا، شاعري ’فھميدہ ميمڻ‘ ۽ ’تسنيم يعقوب‘ جي نالي سان پڻ ڇپيل آهن. پاڻ ٻارهن سالن تائين روزاني هلال پاڪستان جي عورتن واري صفحي جي انچارج رهي، اُن دوران هن ’سگهڙين سٿ‘ جي پھرين سالگرہ تي حيدرآباد ۾ عورت ليکڪائن جي ادبي ڪانفرنس بہ ڪوٺائي. ڊاڪٽر فھميدہ حُسين جا هن وقت تائين، تحقيق، ٻولي، گرامر، اردو ۽ انگريزيءَ مان ترجمن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان ڪُجهہ هيٺ ڏجن ٿا: ’هوائن جي آڌار‘ (سفرنامو: 1983ع)، ’پير حسام الدين راشدي‘ (سوانح: 1990ع)، ’ادبي تنقيد: فن ۽ تاريخ‘ (1997ع ۽ ٻہ ٻيا وڌايل ڇاپا 2002ع ۽ 2012ع)، ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو رُوپ‘ (پي ايڇ. ڊي ٿيسز، 1993ع)، ساڳيو ڪتاب اُردوءَ ۾ ’شاھہ لطيف ڪي شاعريءَ مين عورت ڪا روپ‘ ( 1996ع ) ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو Image of Women in Shah Latif’s Poetry 2002ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. ’برِصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو‘ (سر گريئرسن جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو 2000ع) ۽ ٻيو ڇاپو (2011ع)، ’هڪ حوا ڪئين ڪھاڻيون‘ (ڪھاڻيون 2003ع)، ’دُنيا جون شاعر عورتون‘ (انگريزيءَ مان ترجمو 2006ع)، ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: زندگي، شاعري ۽ فلسفو‘ (اُردو 2008ع)، ’ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي لغت‘ (ترتيب ۽ تدوين)، ’سنڌو لکت بابت‘ (ترجمو: 2011ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جي سکيا‘ 2011ع، ’اديون آئون اَڄاڻ‘ (2012ع)، ’آئيي سنڌي سيکين‘ (اُردو: 2012ع) ’سنڌي ٻولي- مختلف لساني پھلو (2012ع) ۽ سنڌ جو ماضي حال ۽ مستقبل (ترتيب: 2012ع)، ’سسي نيزي پاند‘ (ترجمو: 2013ع)، ’آٺوان آدمي‘ (ترجمو: 2017ع)، ’تعليم ۾ ٻوليءَ جو جبر‘ (ترجمو: 2017ع)، ’برصغير ڪا لساني جائزا‘ (گندارا هندڪو بورڊ پشاور 2018ع) شامل آهن. 2020ع ۾ سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ’جان جان هئي جيئري‘ جي نالي سان پڌرو ٿيو آهي. سندس ڪتاب ’سنڌي ٻولي، ادب ۽ تنقيد‘ 2023ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڪورس ۾ شامل آهن.
ڊاڪٽر فھميدہ حُسين مئي 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرپرسن مقرر ٿي، جتي 2015ع تائين ذميواريون نڀايائين، ان دوران سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جهڙي اهم رِٿا تي ڪم شروع ٿيو ۽ سندس نگرانيءَ ۾ 9 جُلد ڇپيا ۽ گڏوگڏ اٿارٽيءَ پاران ’سنڌي ٻولي‘ (تحقيقي جرنل) بہ نڪرندو رهيو. سندس دور ۾ ٻوليءَ ۽ لسانيات جي موضوع تي ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. ان کانسواءِ ڪيترائي ورڪشاپ، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ٿيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي حوالي سان اهم رٿائن تي ڪم ٿيو. ڊاڪٽر فھميدہ حسين کي علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾: اڪادمي ادبيات پاران سال جي بھترين ڪتاب تي ’هجرا ايوارڊ: 1414‘ (1994ع)، شاھہ لطيف ۽ وومين اسٽڊيز تي بھترين تحقيق جو ايوارڊ (1994ع)، سگا طرفان بھترين تحقيق جو ايوارڊ (1995ع)، حڪومت سنڌ طرفان شاھہ لطيف بابت تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي مڃتا طور ’شاھہ لطيف ايوارڊ‘ (2003ع)، حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي حسن ڪارڪردگي ايوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (2004ع)، اڪادمي ادبيات طرفان بھترين ڪتاب جو ايوارڊ (2002ع)، تعليمي خدمتن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل (2008ع)، حڪومت سنڌ طرفان تحقيقي ڪم تي ’جوش مليح آبادي ايوارڊ‘ (2009ع)، سھيوڳ فائونڊيشن، بمبئي طرفان بھترين سنڌي ليکڪا جو ’سھيوڳ ايوارڊ‘، 1999ع کان 2000ع تائين بھترين سماجي ڪارڪن، عورتن جي ترقيءَ بابت جاکوڙ ۽ تعليم جي ميدان ۾ خدمتن تي ’سگا ايوارڊ‘، گولڊ ميڊل، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران 2018ع ۾ بھترين تحقيق جو ايوارڊ ۽ سانا طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ کانسواءِ مختلف تنظيمن ۽ ادارن پاران مڃتا ايوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر فھميدہ رٽائرمنٽ کانپوءِ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز قائم ڪيو آهي، هن اداري پاران سراج ميمڻ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا آهن ۽ مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون، ليڪچر ۽ سيمينار پڻ ٿيندا رهن ٿا. هُوءَ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.07.05  عيسوي

ڊاڪٽر فھميده حُسين 5 جولاءِ 1948ع تي اُستاد ۽ عالم محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد حسين
سيٺ غلام حسين قاسم
پير وفا راشدي ڊاڪٽر
اخلاق انصاري
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
رامانند سوامي
اعتزاز احسن
جنجهي نور احمد
دوست محمد قريشي
چواين لاءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون