فهد مصطفيٰ

فهد مصطفيٰ

فھد مصطفيٰ

فھد مصطفيٰ: فھد مصطفيٰ 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. بي فارميسي ۾ داخلا ورتائين پر اداڪاريءَ ڏانھن لاڙو ٿيڻ ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. هن شروع ۾ 1990ع ڌاري فيض ٻگهيي جي سيريل ’باک‘ ۾ ننڍڙي ٻار جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ هن KTN ’ڪارٽون‘ سيريز ۾ اداڪاري ڪئي. جنھن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار سندس وڏو ڀاءُ خالد مصطفيٰ هو. اردو ڊرامن ۾ کيس پھريون ڀيرو جيو ٽي. وي تي نور الھديٰ شاھہ جي لکيل ڊرامي ’شیشے کا محل‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو، ان کانپوءِ ٻين ڊرامن: ’میرے ہمراہی‘، ’کوئی نہیں اپنا‘، ’میرا سائیں‘، ’میں عبدالقادر ہوں‘، ’مستانہ ماہی‘، ’یہ زندگی ہے‘، ’پل صراط‘ ۽ مقبول ترين ڊرامي ’کبھی میں٬ کبھی تم‘ ۾ بہ اداڪاري ڪئي. مشھور فلمن: ’نا معلوم افراد‘ (2014ع)،’ماه مير‘(2016ع)، ’لوڈ ویڈ نگ‘ (2018ع)، ’جوانی پھر نہیں آنی‘(2015ع)، ’قائد اعظم زندہ آباد‘ (2022ع) ۽ ٻين ۾ بہ ادڪاري ڪيائين. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ فھد مصطفيٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.06.26  عيسوي

فھمد مصطفيٰ جو جنم 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ نامور اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻي آتمارام گدواڻي
شاھہ رخ مرزا ترخان
در محمد سومرو
اتا ترڪ ڪمال
عامر لطيف صديقي
رامچند ايم ڪيولراماڻي
فتح ﷲ صديقي پروفيسر
آصف نواز جنجوعا
پکيئڙو محمد صديق
جابر بن افلح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون