فٽ ندي

فٽ ندي (Fat River): هيءَ ندي سنڌو ڊيلٽا جي ڳوٺ حاجي قادر بخش بلوچ، ڳوٺ ولي محمد ۽ ايسب ڳوٺ جي آس پاس "56.4'3367 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ "49.6'3324 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءَ ندي سمنڊ جي سطح کان ٽي فوٽ مٿي آهي. هن جي اتر اولھہ ۾ ٽن ڪلوميٽرن تي ’واڻ‘ وهڪرو، چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر ۾ ’خچر‘ وهڪرو، ’ڦٽو‘ کاري 4 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ببلو کاري، 4 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ليبر ڪئنال ۽ 5 ڪلوميٽر اولھہ ۾ ٻوڙي کاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو