فيض محل

فيض محل

فيض محل

فيض محل: خيرپور ميرس جي ميرن پاران خيرپور رياست ۾ تعمير ڪرايل هي شاهڪار محل مير فيض محمد خان ٽالپر لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو. مومن بُلي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”Khairpur: Jewel &Crouwn of Sind“ ۾ هن محل جي تعميرات جو سال 1895ع ڄاڻايو ويو آهي، عطا محمد حامي پنھنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ لکيو آهي: ميرن جي وزير قادر داد خان جي وفات کان پوءِ 1903ع ۾ سردار محمد يعقوب وزير مقرر ٿيو. جيڪو 1907ع تائين وزير رهيو. جنھن پنھنجي وزارت دوران ٻين ڪيترن ئي يادگار ڪمن سان گڏ ’فيض محل‘ تعمير ڪرايو. هي عظيم الشان محل خيرپور شھر جي اتر - اولھہ واري ڪنڊ ۾ موجودہ ڊي. سي هائوس جي ڀرسان واقع آهي. هي محل ڪنھن وقت ۾ ’دلڪش منزل‘، ’خيرپور جو تاج محل‘ ۽ ’لکي بنگلو‘ جي نالي سان بہ مشھور هو، پر پوءِ فيض محمد خان ٽالپر جي نسبت سان ’فيض محل‘ سڏجڻ لڳو.
هيءَ عمارت ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جنھن مان 6 ايڪڙ زمين فقط باغ/باغيچن لاءِ ڇڏيل آهي. ٽالپر دور ۾ هن محل کي نمايان حيثيت حاصل هئي. جتي ميرن جون شاهي تقريبون منعقد ڪيون وينديون هيون. ان کانسواءِ برطانوي وائسراءِ، گورنر توڙي ٻين اهم منصبن تي فائز شاهي مھمانن کي پڻ هن محل ۾ ترسايو ويندو هو، جنھن ڪري هيءَ عمارت ’شاهي مھمان خاني‘ طور پڻ ڪتب ايندي رهي.
هيءَ سھڻي عمارت، ڪيترين ئي فني خوبين جي لحاظ کان هڪ منفرد عمارت آهي، جيئن سنڌ ۾ هوا جو رخ ڏکڻ طرف آهي، ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکندي محل جي بلندي /مھڙ هوا جي رخ تي رکيل آهي. سج جي تپش ۽ ڪرڻن کان حفاظت خاطر وسيع ورانڊو ڇڏيل آهي، جيڪو نہ فقط ڪمرن تائين سج جي گرمائش کي پھچڻ کان روڪي ٿو، پر ڪمرن کي ٿڌو پڻ رکي ٿو. عمارت جي هڪ ٻي خاصيت هتي ٺھيل ’V‘ شڪل جي سرن جا ستون ۽ ڇٽيءَ نما (ڇڄا (بالڪوني) آهن، جيڪي هن حويليءَ کي گهڻي سونھن بخشين ٿا. هي ڳاڙهين ۽ زرد سرن جي امتزاج سان تعمير ڪيل محل ڏسڻ ۾ تمام خوبصورت ۽ منفرد آهي. هتي جديد فرنيچر سان گڏ ٽالپر دور جو بھترين فرنيچر، آرائش ۽ زيبائش لاءِ رکيل آهي. ان کانسواءِ ٽالپر دور جون يادگار توپون پڻ هتي رکيل آهن. هي محل هن وقت هزهائينس مير علي مراد خان ثاني جي تحويل ۾ آهي.


لفظ فيض محلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو