فيضو کماڻ

فيضو کماڻ

فيضو کماڻ

فيضو کماڻ: حافظ فيضو کماڻ جو تعلق مانجهند شھر ضلعي ڄام شوري سان هو. هن ابتدائي تعليم لاکا اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد ’موٽيو‘ ڦرهيءَ تي کيس شاھہ لطيف جا بيت لکي ياد ڪرائيندو هو. ايئن ننڍپڻ کان ئي هن لطيف جو رسالو حفظ ڪرڻ شروع ڪيو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٻڪرين جي ڌڻ جو ڌنار ٿي. هن شاھہ لطيف جي ڪلام کي جهونگارڻ شروع ڪيو. ان ئي دور ۾ هن کي درياءَ جي ڪپ تان پوتڙين ۾ ويڙهيل ’شاھہ جو رسالو‘ مليو، جيڪو آخري وقت تائين هن وٽ محفوظ رهيو. وٽس لطيف جي گنج کان ويندي گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي سميت مڙئي مرتب ٿيل رسالا موجود هئا. کيس لطيف جو هر هڪ بيت، لفظن جي معنيٰ سان گڏ ياد هوندو هو. ان کانسواءِ بيت جو تاريخي پسمنظر ٻڌائڻ تي پڻ کيس مھارت حاصل هئي. لطيف وانگر هن بہ سنڌ جي وسندي وسندي ۾ سفر ڪيو تہ جيئن لطيف جي شاعريءَ جي اصل ڪيفيت کي جيئن جو تيئن سمجهي سگهي. ايتريقدر جو جوڳين سان گڏ هنگلاج کان لاهوت تائين جا بہ سفر ڪيائين. سندس شمار لطيفيات جي موضوع تي بھترين مقررن ۾ ٿيندو هو. هي مانجهند جي ’حيدر علي خان لائبرري‘ ۾ لطيفيات تي ليڪچر پڻ ڏيندو هو. ان کانسواءِ ثقافت کاتي، سنڌ طرفان منعقد ڪرايل ادبي پروگرامن ۽ سگهڙن جي مچ ڪچھرين ۾ لطيف جا بيت بر زباني ٻڌائي داد حاصل ڪندو هو. هن 07 جون 2021ع تي مانجهند ۾ وفات ڪئي.


لفظ فيضو کماڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو