
ڊاڪٽر فيروز احمد خواجه
فيروز احمد خواجه، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فيروز احمد 5 آگسٽ 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪيائين. هن مئرين زولاجي جي مضمون ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. ايس سي ڪئي. 1964ع ۾ ڊاڪٽر فيروز دنيا جي وڏي ۾ وڏي ’فُل برائيٽ‘ اسڪالرشپ حاصل ڪري پي ايڇ ڊيءَ لاءِ آمريڪا ويو ۽ اُتي هن مئرين زولاجي جو شعبو ڇڏي، هوائي يونيورسٽيءَ مان ’ڊيموگرافي‘ جي علم ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا هن ٻن سالن جي ٿوري مُدت ۾ پوري ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ اُتي ئي آدمشماريءَ جي اڀياس (Population Studies) جي علم ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ جڳ مشھور هارورڊ يونيورسٽي ۾ وڃي پھتو. 1969ع ۾ ڊاڪٽر فيروز ايسٽ ڪيروسينا يونيورسٽيءَ ۾سوشيالاجيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هن آمريڪا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ ملازمت بہ ڪئي ۽ دنيا جي سماجي، سياسي مسئلن خاص طور تي غربت ۽ غريب ملڪن جي مسئلن تي گهڻو ڪجهہ لکيو. انهيءَ دوران هن اتر آمريڪا مان انگريزيءَ ۾ هڪ اخبار ’پاڪستان فورم‘ جي نالي سان ڪڍي، جنھن ۾ ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا جي سياسي، سماجي مسئلن جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ ڏني ويندي هئي ۽ انهن جي بنيادي مسئلن تي لکيو ويندو هو. 1974ع ۾ ڊاڪٽر فيروز پنھنجي ملڪ موٽيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر بڻيو. ٽي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ جلد ئي نوڪري ڇڏي، سنڌ جي هارين ۽ مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي ٻھراڙين ۾ گهڻا دورا ڪيا. ان سلسلي ۾ هن ڪراچيءَ ۾ هڪ ادارو ’ٿرڊ ورلڊ اسٽڊيز‘ قائم ڪيو ۽ ان جي پاران پنھنجو پراڻو رسالو ’پاڪستان فورم‘ اردوءَ ۾ جاري ڪيو. اڳتي هلي هو سنڌي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو پر جڏهن سنڌي عوامي تحريڪ، پاڪستان عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي تہ هو ان کان ڌار ٿي ويو.
جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ڪراچيءَ ۾ گهڻو تنگ ڪيو ويو. سندس رسالي کي بند ڪيو ويو ۽ هن لاءِ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون ويون جو آخرڪار 1980ع ڌاري هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا واپس هليو ويو ۽ اُتي ڪيترن ئي ادارن ۾ محقق جي حيثيت ۾ تدريس جي عمل سان واڳيل رهي، 1992ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿي ويو. ان دوران هو اسڪول آف اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽڊيز ايشيا ۾ ليڪچر بہ ڏيندو رهيو.1996ع ۾ هو وري حيدرآباد آيو. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ 20 کن شاهڪار ڪتاب لکيا ۽ ان سان گڏ تمام گهڻا سائنسي تحقيقي مقالا ۽ ڪيترائي کن مضمون لکيا، جيڪي مختلف ملڪن جي رسالن، جرنلن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. کيس پنھنجي ڪتابن ۽ لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنھنجا مقالا پيش ڪيا. پاڪستان ۾ سماجي سائنس جي حوالي سان ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتائين. ساڳئي وقت هو سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي ۽ بين الاقوامي تنظيمن جو عھديدار ۽ ميمبر پڻ رهيو. آمريڪا ۾ رهندي هن انگريزيءَ ۾ هڪ رسالو ’پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم‘ جي نالي سان جاري ڪيو.
ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو. هو هڪ روشن خيال، بھادر ۽ بين الاقوامي سطح تي سماجي سائنس جو هڪ مڃيل استاد ۽ عالمِ هو. ’سياست ۽ نسل پرستي‘ انگريزيءَ ۾ لکيل سندس مشھور ڪتاب آهي. هن ’سنڌ، قومي ۽ جمھوري جدوجھد‘، ’پاڪستان ۾ هڪ ماڻهوءَ جو آئين‘، ’پاڪستان ۾ فوجي حڪومتون ڇو‘، ’سامراج ۽ پاڪستان‘، ’انگولا جي آزادي‘ ۽ ’انقلاب افغانستان‘ جي عنوان سان مقالا ۽ ڪتاب لکيا. ’زرعي انقلاب ۽ پاڪستان‘، ’سماجي تبديلي ۽ اقتصادي آزادي‘، ’صنعتي ترقي‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون سندس انقلابي فڪر جو اهڃاڻ آهن. سنڌ جي هن ڏاهي انسان 56 ورهين جي ڄمار ۾ 5 اپريل 1997ع تي آمريڪا ۾ وفات ڪئي.
1940.08.05 عيسوي
ڊاڪٽر فيروز احمد 5 آگسٽ 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.
1997.04.05 عيسوي
ڊاڪٽر فيروز احمد خواجه 56 ورهين جي ڄمار ۾ 5 اپريل 1997ع تي آمريڪا ۾ وفات ڪئي.