
فوزيه سومرو
فوزيہ سومرو: فوزيہ سومرو جو اصل نالو حڪيمان هو. هن ويراواھہ لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر ۾، 1969ع ۾ ناٿـي خـان جـي گهـر ۾ جنم ورتو. سندس والد ٽنڊي محمد خان جي شگر مل ۾ ملازم هو ۽ اتي حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو. اڳتي هلي، لڏي ٽنڊي محمد خان ۾ اچي ويٺو، جتي فوزيہ سومرو مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سورهن سترهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. سندس تعلق مذهبي گهراڻي سان هو، جنھنڪري کيس فن جي دنيا ۾ اچڻ وقت ڪافي ڏکيائيون پيش آيون، پر پنھنجي شوق خاطر مائٽن کان لِڪي، ننڍن ننڍن پروگرامن ۾ ڳائيندي رهي. 1987ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي براڊڪاسٽر نصير مرزا جي معرفت متعارف ٿي. فوزيہ سومرو راڳ جي باقاعدي سکيا استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليريءَ کان ورتي. هن گهڻو ڪري عشقيہ ڪلام ڳايو. فوزيہ سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب، ڀارت، دبئي، شارجه ۽ قطر سميت ڪيترن ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، بلوچي، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ بہ ڳايو. هن شاھہ لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، بلاول اوٺي، علي محمد اڏيرائي، سائينداد ساند ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا ڪلام ڳائي گهڻو داد حاصل ڪيو. سندس شادي 1993ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي زميندار حاجي مصري سٺيي سان ٿي، جنھن مان کيس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. کيس شاھہ لطيف ايوارڊ ۽ شھباز ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. ٿر پروڊڪشن رڪارڊنگ ڪمپنيءَ پاران، 2002ع ۾، ميرپورخاص ۾ سندس مڃتا طور تاج پوشي ڪرائي وئي. بُڪين/گردن جي تڪليف ۾ ڪجهہ وقت بيمار رهڻ کانپوءِ، هن 4 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي. کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاھہ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
2002.09.04 عيسوي
مشهور عوامي فنڪاره فوزيه سومرو جو اصل نالو حڪيمان هو. هن ويراواهه لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر ۾، 1969ع ۾ ناٿـي خـان جـي گهـر ۾ جنم ورتو. فوزيه سومرو بُڪين/ گردن جي تڪليف جي ڪري ڪجهه وقت بيمار رهڻ کانپوءِ، 4 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي.