
حاجي فقير الله علوي جو مقبرو شڪارپور
فقير ﷲ علوي: حاجي فقير ﷲ ولد عبدالرحمان حنفي جلال آبادي شڪارپوري، جلال آباد (افغانستان) جي هڪ ڳوٺ روتاس ۾ جنم ورتو. سندس سلسله نسب امام محمد بن حنيفہ سان ملي ٿو. ظاهري علمن کان فارغ ٿي، شاھہ محمد مسعود پشاوريءَ ۽ حاجي محمد سعيد لاهوريءَ کان خلافت جو خرقو ڍڪيائين. 1150ھہ/ 1737ع ڌاري پنھنجي وطن مان هجرت ڪري، اچي شڪارپور ۾ رهـيـو. ســندس زندگيءَ جو وڏو حصو حرمين شريفين جي سفر ۾ گذريو. پنھنجي حياتيءَ ۾ ست دفعا حرمين شريفين جو سفر ڪيائين. گهڻو ڪري ايراني نار کان ٿي، يمن مان لنگهي حجاز ويندو هو. سنڌي حـاڪـمـن مان ميـان سرفراز خان ولد ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو سندس معتقد چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح بلوچستان جو خان مير نصير محمد خان بروهي بہ سندس مريدن مان هو. سنڌ تي انهيءَ زماني ۾ احمد شاھہ ابداليءَ جي ڪاھہ ٿي تہ هن کي بہ حاجي فقير ﷲ جي روحاني ڪشف گهلي آندو ۽ احمد شاھہ جو فرزند تيمور شاھہ سندس پوئلڳن ۾ شامل ٿيو. حاجي صاحب تصوف جي چئن ئي طريقن ۾ مريد ڪندو هو ۽ انهن طريقن ۾ کيس شيخ مسعود، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان اجازت مليل هئي. سندس زور اتباع شريعت ۽ سنت جي زندھہ رکڻ تي هو. هن حديث جي علمن جي پهريان سند ۽ اجازت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان حاصل ڪئي ۽ مڪي شريف جي سفر دوران شيخ سيد عبدالقادر مالڪيءَ کان بہ ورتي. حديث جي اتباع ڪري، ڪن مسئلن ۾ هن جو پنهنجو جدا مسلڪ هو، هو صوفي بہ هو ۽ محي الدين ابن عربيءَ جا ڪتاب هميشہ سندس مطالعي هيٺ هوندا هئا. علامہ معين ٺٽوي ’هـمـه اوسـت‘ جي نعري کي بلند ڪرڻ وارو بہ سندس دوست هو، پر ان هوندي بہ جڏهن سنڌ جي صوفي شاھہ عنايت شھيد همه اوست جو آواز بلند ڪيو تہ سڀ کان اڳ، حاجي ﷲ علوي'>فقير ﷲ علوي هو، جنهن وقت جي حاڪم جو ڌيان شاھہ عنايت صوفيءَ جي تحريڪ ڏانهن ڇڪايو ۽ همه اوست کي الحاد ۽ بي دينيت سڏيو. حج جي سفر کان موٽندي جڏهن مسقط بندر تي معلوم ٿيس تہ شاھہ عنايت صوفي شھيد ٿي ويو آهي تہ گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين. حاجي فقيرالله شاعر بہ هو. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن ۾: ’قطب الارشاد‘، ’طريق الارشاد‘، ’جواهر الاوراد‘، ’تڪميل المومنين والاولاد‘، ’فتوحات غيبيه شرح عقائد صوفيته‘، ’فتح الجميل في مداره التڪميل‘، ’ فتوحات الهي‘، ’براهين النجات من مصائب الدنيا والعرصات‘، ’صنتخب الامول‘، ’وثيقه الاڪابر‘، ’قصده مبروره‘ ۽ ’مڪتوبات‘ قابل ذڪر آهن. هيءُ 03 صفر 1195ھہ/1781ع ڌاري شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو.