فقير گل محمد گودڙيو

فقير گل محمد گودڙيو: فقير گل محمد گودڙيو، ذات جو ڀٽي هو. سندس جنم 1901ع ڌاري باڊھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ڇھن سالن جو هو تہ سندس والد گذاري ويو، جنھن کانپوءِ هن جي پالنا سندس والدہ ڪئي. جوانيءَ ۾ شاديءَ جي ٻن سالن بعد کيس پُٽ ڄائو. چيو وڃي ٿو تہ پُٽ ڄمڻ تي سندس والدہ کيس ٻڌايو: ”اسان جي خاندان ۾ صدين کان تسلسل هلندو پيو اچي تہ جڏهن پُٽ ڄمندو آهي تہ ڪجهہ سالن اندر ان جو والد وفات ڪري ويندو آهي.“ انھيءَ ڳالھہ تي گهڻو پريشان ٿيو. جنھن کانپوءِ دنياداري ترڪ ڪري، صوفي بزرگ شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ جو وڃي طالب ٿيو. ڪجهہ سالن کانپوءِ کيس ٻيو پٽ ڄائو تہ خانداني وهم ختم ٿي ويو. ڪجهہ سال مرشد جي خدمت ۾ رهڻ کانپوءِ هن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس ڪلام سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ آهي، جنھن ۾ بيت، ڪافيون ۽ جهولڻا شامل آهن. فقير گل محمد گودڙيي جو ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي، هن 85 سالن جي ڄمار ۾ 1986ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو