فقير ڪورائي سمو : هيءُ مست، مجذوب ۽ درويش، عمرڪوٽ ضلعي جي شھر صوفي فقير جو ويٺل هو. سندس زندگيءَ بابت مفصل احوال نہ ٿو ملي سگهي. هيءُ محمد فقير کٽياڻ جو طالب هو. آخري عمر ۾ صوفي صادق فقير جي درگاھہ تي گذاريندو هو. سندس سرائيڪي ڪافيءَ جو نمونو هيٺينءَ ريت آهي: ايسا گرو گڏياسين يار، ڪلمي ڪفر پڙهاوڻ والا، پارس پيالي پرت دي ڏيندا، لشڪر لحظي وچ لٽيندا، نينھن نسنگ نروار، نازڪ نر نچاوڻ والا، ٻهڳڻ ٻولي ٻي نا ٻولي، توڪل تند طلب دي چولي، سما سر سردار، هادي حق رساوڻ والا!