فقير مير محمد نظاماڻي

فقير مير محمد نظاماڻي

فقير مير محمد نظاماڻي

فقير مير محمد نظاماڻي: حُر هسٽاريل سوسائٽيءَ جو باني ۽ ليکڪ فقير مير محمد نظاماڻي 1958ع ۾ ضلعي شھيد بينظير آباد جي ڳوٺ، خدا بخش ۾ ڄائو. سندس والد خدا بخش نظاماڻي بہ حُر تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. هن حُر تحريڪ سان وابستہ ڪيترن ئي ويڙهاڪن جا انٽرويو قلمبند ڪيا. هن انگريزن جي زماني جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جو سفر ڪيو. وٽس حُر ويڙهاڪن جي ٽي سؤ کن انٽرويوز تي مبني آڊيو ڪئسٽون ۽ هزارين صفحن تي مشتمل مواد موجود آهي. حُر تحريڪ جي ڪردارن بابت سندس ڪتاب ’مِڙيا مٿي مچ‘ ڇپيل آهي.


لفظ فقير مير محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو