فقير منٺار مڱريو

فقير منٺار مڱريو

فقير منٺار مڱريو

فقير منٺار مڱريو: صحافي فقير منٺار مڱرئي جو جنم پھرين مئي 1962ع تي، ڳوٺ ڇٽو مڱريو، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ فقير تماچي مڱرئي جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم جهول لڳ ڳوٺ ڪنڊو وساڻ ۾ پرائي.جڏهن تہ مئٽرڪ 1979ع جهول هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر 1981 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪئي. ان کان علاوہ وڌيڪ تعليم ايم اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان ۽ ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان 89-1988ع ۾ پاس ڪيائين. هن صحافت جي شروعات 1984ع کان ڪئي. پنھنجي صحافتي دور ۾ هن جا مختلف اخبارن، رسالن ۾ آرٽيڪل پڻ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت فقير منٺار مڱريو مھراڻ اخبار جو پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر آهي. هن صحافت جي ميدان ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاھہ هٿان سنڌي صحافت ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيڻ تي کيس بھترين ڪارڪردگيءَ جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوہ صحافت جي بين الاقوامي اداري طرفان کيس بھترين ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ٿيو آهي. ان کان سواءِ اي پي اين ايس جو عھديدار پڻ رهي چڪو آهي هن وقت موجودہ اخباري تنظيم سي پي اين اي ۾ عھديدار آهي. فقير منٺار مڱرئي مختلف ملڪن سريلنڪا، بحرين، بئنڪاڪ، عمان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن جا مطالعاتي دورا پڻ ڪيا آهن


لفظ فقير منٺار مڱريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.05.01  عيسوي

صحافي فقير منٺار مڱرئي جو جنم پھرين مئي 1962ع تي، ڳوٺ ڇٽو مڱريو، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ فقير تماچي مڱرئي جي گهر ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علاؤ الدين نيازي شيخ
طارق قريشي
زلف پيرزادو
ابوبڪر خان مگسي
احمد علي خان
الھہ بچايو جمالي
توفيق علي منگي
صديقي الھورايو طارق
زاهد ملڪ
ڪريم بخش خالد
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون