فقير محمد ڍول

فقير محمد ڍول

فقير محمد ڍول

فقير محمد ڍول (شخصيت): فقير محمد ڍول 15 فيبروري 1974ع تي، سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪار ڍول فقير جي گهر، ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات روزاني ’آفتاب‘ ۾ ڪالم لکڻ سان ڪيائين. ان کان سواءِ شاعري، مضمون، ڪھاڻيون، تحقيق، مزاح نگاري ۽ ڊراما بہ لکندو رهيو. هن پنھنجي والد جي ڪم کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ جو بنياد وڌو، جنھن جي ذيلي اداري ’امرتا‘ پبليڪيشن پاران ماهوار سنڌي ادبي رسالي ’امرتا‘ جا 2001ع کان 2011ع تائين، 104 شمارا اعزازي ايڊيٽر طور پڌرا ٿي چڪا آهن. ان جو اعزازي سيڪريٽري آهي. ’امرتا‘ جو شاھہ لطيف نمبر، ڊبل ڪرائون سائيز جي 700 صفحن تي مشتمل شاهڪار نمبر شمار ٿئي ٿو. هن جنوري 2020ع ۾ ماهوار ’امرتا‘ کي وري ٻيھر جاري ڪيو. ان کان علاوہ پاڻ اعزازي ايڊيٽر ٽه ماهي ’سنگت‘، اعزازي ايڊيٽر ’وتايو فقير سووينئر‘، سب ايڊيٽر روزاني ’ڪاوش‘ (گئلري صفحو) طور بہ ڪم ڪندو رهيو آهي.’امرتا‘ شاھہ لطيف نمبر (ترتيب)، ’امرتا‘ غزل رنگ نمبر (ترتيب)، ’الا! تون ڪٿي آهين‘ (حسن درس جي چونڊ شاعري)، ’طارق توکان پوءِ‘ (فن ۽ شخصيت بابت سھيڙ) سندس ڇپيل اهم ڪتاب آهن. ادبي ڪم جي مڃتا طور کيس سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران مڃتا ايوارڊ، سليم بچاڻي ايوارڊ (ڊسٽرڪٽ هيريٽيج ڪميٽي ٽنڊوالھيار) ۽ وتايو فقير ايوارڊ (ضلعي انتظاميہ ٽنڊوالھيار) ملي چڪا آهن. هن وقت زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ملازم آهي.


لفظ فقير محمد ڍولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.02.15  عيسوي

فقير محمد ڍول 15 فيبروري 1974ع تي، سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪار ڍول فقير جي گهر، ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـاقـب جـاويـد
طلعت اقبال
صابري يشڪري
جلال شاھہ
شھاب الدين شيخ برهانپوري
سريندر ناٿ
شاھہ بيگ ارغون
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
حاجي علي انور کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون