دايو، فقير لطف علي

دايو، فقير لطف علي

فقير لطف علي دايو

فقير لطف علي دايو : نامور شاعر فقير لطف علي ولد غمدل فقير دايو، 1925ع ۾ پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ هو، جيڪو 1948ع ۾ اتان لڏي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. فقير لطف علي سنڌي فائينل پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران مختلف پرائمري اسڪولن ۾ هيڊماستر جو عهدو سنڀاليندي، 1988ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيائين. فقير لطف علي دايو والد جي وفات کانپوءِ والد جي فقراهي گاديءَ جو سجادہ نشين ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائين.فقير لطف عليءَ پنھنجي والد غمدل فقير جي شاعريءَ جو ديوان ترتيب ڏئي ’ديوانِ گلزار غمدل‘ جي عنوان سان 1989ع ڇپرائي پڌرو ڪيو. 18 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ سندس والد غمدل فقير جي پاسي ۾ درگاھہ رتيديري شھر ڀرسان نبي شاھہ وڳڻ، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.نامور شاعر فقير لطف علي ولد غمدل فقير دايو، 1925ع ۾ پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ هو، جيڪو 1948ع ۾ اتان لڏي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو.فقير لطف علي سنڌي فائينل پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران مختلف پرائمري اسڪولن ۾ هيڊماستر جو عهدو سنڀاليندي، 1988ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيائين. فقير لطف علي دايو والد جي وفات کانپوءِ والد جي فقراهي گاديءَ جو سجادہ نشين ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائين.فقير لطف عليءَ پنھنجي والد غمدل فقير جي شاعريءَ جو ديوان ترتيب ڏئي ’ديوانِ گلزار غمدل‘ جي عنوان سان 1989ع ڇپرائي پڌرو ڪيو. 18 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ سندس والد غمدل فقير جي پاسي ۾ درگاھہ رتيديري شھر ڀرسان نبي شاھہ وڳڻ، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو