فقير غلام حيدر نظاماڻي

فقير غلام حيدر نظاماڻي

فقير غلام حيدر نظاماڻي

فقير غلام حيدر نظاماڻي: شاھہ لطيف جو راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻي ولد فقير شير محمد نظاماڻي پھرين آگسٽ 1933ع تي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ڄائو. هي 12 سالن جي عمر ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ٽي سُر ياد ڪري راڳي بڻيو. فقير غلام حيدر هر اربع جي رات پنھنجي اوطاق تي شاھہ لطيف جي راڳ جي محفل ڪرائيندو هو، جنھن ۾ سندس استاد فقير خان محمد نظاماڻي، فقير حاجي سانوڻ جلالاڻي، فقير الھڏنو جلالاڻي، فقير، دودو نظاماڻي، فقير سوائي ٻگهيو ۽ ٻيا ڪيترائي راڳي اچي شريڪ ٿيندا هئا. خميس جي رات وري سڀئي گڏجي وڃي ڀٽ شاھہ تي راڳ جي محفل مچائيندا هئا. جمع جي رات ڀٽ شاھہ تان واپس اچي، پنھنجي ڳوٺ واري امام بارگاھہ ۾ سُر ڪيڏارو پڙهندو هو. هن 14 محرم الحرام 1423ھہ/ 29 مارچ 2002ع تي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين ڀٽ شاھہ جي درگاھہ جي احاطي ۾ ٿي.


لفظ فقير غلام حيدر نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.08.01  عيسوي

شاهه لطيف جو راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻي ولد فقير شير محمد نظاماڻي پھرين آگسٽ 1933ع تي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ڄائو.


2002.03.29  عيسوي

فقير غلام حيدر نظاماڻي 14 محرم الحرام 1423هه/ 29 مارچ 2002ع تي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين ڀٽ شاهه جي درگاهه جي احاطي ۾ ٿي



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خوشي ڪي مٽائي
ٻالڪ سنڌي
استاد خورشيد علي خان
استاد ھدو خان
زرداري غلام حسين
خاصخيلي ذوالفقار علي
روشن آرا بيگم
سرمد سنڌي
سيد نور شاھہ 2
صنم مارئي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون