فضل قادر قلباڻي

فضل قادر قلباڻي

فضل قادر قلباڻي

فضل قادر قلباڻي: هن 18 اپريل 1951ع تي روهڙيءَ ۾ غلام قادر قلباڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن علم معاشيات ۾ ماسٽرس ۽ لاڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيون. شاگرديءَ واري دور کان ڪھاڻيون لکڻ لڳو. سندس ڪھاڻيون روزاني هلال پاڪستان، سوجهرو، ٻارن جي رسالي گلن جھڙا ٻارڙا ۾ شايع ٿيون ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ترجمو ڪري اردو اخبارن ۾ ڇپايائين. بئنڪ ۾ ڪلارڪ جي نوڪريءَ سان شروعات ڪيائين، ڪجهہ عرصو استاد رهڻ بعد سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري ڪسٽم ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ٿيو ۽ ڪليڪٽر ڪسٽم آف جي عھدي تان رٽائر ٿيو. فضل قادر قلباڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ’گيت ۽ گفتار‘ ۾ بطور ڪمپيئر پاڻ مڃايو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ جڳ مشھور پروگرام’فتح خان جي ڪچھري‘ ۾ بہ حصو وٺندو رهيو. ان کان سواءِ هن پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن لاءِ اسڪرپٽ لکيا ۽ سنڌي ادبي پروگرام’رسالو‘ ۾ لڳاتار ٻارنھن سال ڪمپيئرنگ ڪئي. هن برطانيا، دبئي، ٿائيلينڊ، روس، مصر، انڊيا، چين، روم، سنگاپور، ملائيشيا، جاپان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن مان تربيت حاصل ڪندي مختلف بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي بہ ڪئي.


لفظ فضل قادر قلباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.04.18  عيسوي

فضل قادر قلباڻي 18 اپريل 1951ع تي روهڙيءَ ۾ غلام قادر قلباڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ڪوڏڻ مل
استاد نبي بخش مڱڻهار
حڪيم محمد يوسف کتري
احسان علي لغاري
خانصاحب ڪمال الدين عباسي
بيبي جمال خاتون سيوستاني
سيد صابن شاھہ ڊاڪٽر
ايس ايم قريشي
الھورايو سومرو
ڏهيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون