
سومرو فضل رحيم ڊاڪٽر
فضل رحيم سومرو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، حيدرآباد ۾، حڪيم محمد امين سومري جي گهر ۾، 1335ھہ موجب 1917ع ۾ جنم ورتو. فضل رحيم سومري، ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪيو. هن گهڻو عرصو سعودي عرب ۾ گذاريو. ان دوران هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪري ورتو. هن سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ’شاھہ جي رسالي‘ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ترجمي جو ڪم 1980ع کان شروع ڪيو ۽ چئن سالن اندر مڪمل ڪري ورتو. 8 اپريل 1984ع تي سندس مڪمل شاھہ جي رسالي (30 سرن سميت) جي ترجمي جو مھورت، ان وقت جي پاڪستان جي وزير دفاع، خان ٽالپر'> مير علي احمد خان ٽالپر، توحيد پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ، حيدرآباد ۾ ڪيو هو. هي شاھہ جو رسالو ڪل يارهن جلدن (سوانح سميت 12 جلدن) ۾ ڇپائي پيش ڪيو ويو. فضل الرحيم سومري، ان ئي زماني ۾ شاھہ لطيف جي سوانح عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، 35 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتابڙو ڌار بہ شايع ڪيو هو، جنھن ۾ هن شاھہ لطيف جي حياتي، دور ۽ سندن وڏن جي سنڌ ۾ آمد، کانسواءِ ڪجهہ مورخن ۽ ماخذن جا نالا بہ ڏنا هئا. هن عالم شخص 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 مارچ 1986ع تي سعودي عرب ۾ انتقال ڪيو. وفات بعد سندس جنازو سعودي عرب کان حيدرآباد آڻي ڪينٽومينٽ واري قبرستان حيدرآباد ۾ پنھنجي والد جي پيرانديءَ تدفين ڪئي وئي. فضل رحيم سومري، شاھہ جا مختلف سُر ڌار ڌار ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپايا ۽ بعد ۾ سندس شاھہ جو رسالو مڪمل (عربي ترجمو) مڪمل صورت ۾ بہ ڇپيو. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2020ع ۾ ’رسالة السيد عبداللطيف ڀٽائي شاعر الڪبير‘ جي عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
1986.03.17 عيسوي
17 مارچ 1986ع تي سعودي عرب ۾ انتقال ڪيو. وفات بعد سندس جنازو سعودي عرب کان حيدرآباد آڻي ڪينٽومينٽ واري قبرستان حيدرآباد ۾ پنهنجي والد جي پيرانديءَ تدفين ڪئي وئي.