فضل حق قريشي دهلوي

فضل حق قريشي دهلوي: ايڊيٽر حق قريشي دهلوي'>فضل حق قريشي دهلوي 16 مارچ 1918ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. هن ديني تعليم گهر ۾ ورتي. سينٽ اسٽيفن ڪاليج مان پاس ڪرڻ کان پوءِ جامع مليه، دهلي مان بي. اي ڪيائين. شروع ۾ ٽيڪس انسپيڪٽر رهيو. 1944ع کان 1945ع تائين شروعاتي رسالي ’آج ڪل‘ جو نائب مدير رهيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. هن اقوام متحدہ (UNO) جي مرڪزي اطلاعات کاتي ۾ 1951ع کان 1968ع تائين ڪم ڪيو. ’ماھہ نور‘ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. ’نئين زندگي‘ رسالي جو نومبر 1948ع کان فيبروري 1950ع تائين ايڊيٽر رهيو. هن 1930ع کان ’طاهرہ ديوي شيرازي‘ جي عورتاڻي نالي سان مختلف رسالن ۾ مضمون لکيا. انهن مضمونن تي مشتمل ڪتاب ’سحر بنگال‘ ساڳئي فرضي نالي سان ڇپيو. 1967ع کان هن اصل نالي سان لکڻ شروع ڪيو. اردو ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ’ریڈ یو ڈ رامے‘، ’قائد ملت‘،’لیڈر‘،’تین بے وقوف‘، ’بھابھی جان‘،’فرعون‘،’تعلیم زدہ بیوی‘،’سگ لیلیٰ‘، ’لغزش‘، ’وسوسے‘، ’آجکل کے افسانے‘، ’آجکل کے رومانس‘، ’اقوم متحدہ اور اسکا طریقہ کار‘،’قیام بنگلادیش کے مضمرات‘،’بھارت میں مسلمانوں کا قتل عام‘،’پروین ثریا‘،’لغزش‘ شامل آهن. ان کان سواءِ انگريزيءَ ۾ بہ سندس ڪتاب ’Centenazy Celebration every day with the quid-i-azam‘ ڇپيو.


لفظ فضل حق قريشي دهلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.03.16  عيسوي

ايڊيٽر فضل حق قريشي دهلوي 16 مارچ 1918ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو خدا بخش
پاڻيڻي
سوامي گنگارام
غازي فقير ڪلر
مراد فقيرسنديلو
پير شاھہ مراد
اظھر علي شاھہ ڊاڪٽر
ڀوپو
چوچڪ بيگم
جارج برنارڊشا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون