فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ: سنڌيڪا اڪيڊمي جي پبلشر ۽ ليکڪ فضل الرحمٰن جو جنم 01 اپريل 1981ع تي نور احمد ميمڻ جي گهر پريالوءِ ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پريالي، سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچي ۽ ايس ايم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ گريجوئيشن شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. پاڻ، پنھنجي والد ۽ باني سنڌيڪا اڪيڊمي نور احمد ميمڻ سان گڏ اڪيڊمي جي ڪاروهنوار ۾ هٿ ونڊائي ٿو. سندس سھيڙيل ڪتاب ’چونڊ سنڌي لوڪ ڪھاڻيون‘ ۽ ’شاھہ جو فڪر ۽ فلسفو‘ ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ڪجهہ ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا اٿس. اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بہ وقت سندس ڪالم ۽ مضمون ڇپجندا رهن ٿا. کيس فن، ادب، ڪاشيءَ جي هنر ۽ ڊزائين، ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ پبلشنگ سان دلچسپي آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.04.01  عيسوي

سنڌيڪا اڪيڊمي جي پبلشر ۽ ليکڪ فضل الرحمٰن جو جنم 01 اپريل 1981ع تي نور احمد ميمڻ جي گهر پريالوءِ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻيڙو مير بحر
الھہ بچايو کوسو
رڪ عبدالله
پنڊت موهن لال
سيد حامد نوبهار شاھہ
سر ڪائوسجي جھانگير1 CSI
پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد
پيارو منگي
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
سلمان طاهرعلامه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون