
فريال ٽالپر
فريال ٽالپر: مشھور سياستدان ۽ پاڪستان جي موجودہ صدر آصف علي خان زرداريءَ جي ڀيڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي نڻان فريال ٽالپر 26 اپريل 1958ع تي حاڪم علي زرداريءَ جي گهر، نوابشاھہ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي. هن سياست جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. هو پھريون ڀيرو 1997ع جي چونڊن ۾ نوابشاھہ جي تڪ (NA-160) تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي مسلم ليگ (ن) خلاف چونڊ وڙهي. 2001ع ۽ 2005ع جي بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان نوابشاھہ جي ناظم ۽ ميئر مقرر ٿي. 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سندس ٻارن جي قانوني سرپرست مقرر ٿي. 2008ع جي چونڊن ۾ نوابشاھہ جي ميئر هئڻ سبب کيس ٽڪيٽ نہ ڏني وئي، بعد ۾ ضمني چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي اين اي 207 (لاڙڪاڻو- شڪارپور، قمبر-شھدادڪوٽ) تان ڪامياب ٿي پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي. 2013ع جي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي ۽ 2018ع ۾ پي ايس 10 (لاڙڪاڻو-1) تان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي. هوءَ 2009ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر پڻ آهي. 2024ع جي عام چونڊن ۾ بہ پي ايس 10 (لاڙڪاڻو-1) تان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي. ان کانسواءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ ٻين اهم ادارن جي ڪميٽين جي ميمبر پڻ آهي. سندس شادي مشھور سياستدان مير منور علي ٽالپر سان ٿي. پاڻ هن وقت سنڌ اسيمبلي جي ميمبر آهي. سنڌ جي اقتداري سياست ۾ فريال ٽالپر هڪ اثرائتو ۽ اثر انداز ٿيندڙ ڪردار آهي.
1958.04.26 عيسوي
مشھور سياستدان ۽ پاڪستان جي موجوده صدر آصف علي خان زرداريءَ جي ڀيڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي نڻان فريال ٽالپر 26 اپريل 1958ع تي حاڪم علي زرداريءَ جي گهر، نوابشاهه ۾ جنم ورتو.