فريئر نامہ

فريئر نامہ (قلمي نسخو): هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن بابت تفصيلي تاريخ ڏنل آهي. فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو مصنف ميان يار محمد خان ولد مير مراد علي خان ٽالپر آهي. هي ڪتاب لکڻ بابت مصنف لکيو آهي تہ ”12 جمادي الثاني 1279ھہ/4 ڊسمبر 1862ع تي سر بارٽل فريئر منھنجي بنگلي تي آيو ۽ ڳالهيون ڪندي چيائين تہ مير صاحبن جي حڪومت جو سمورو احوال جيڪڏهن اوهان لکو تہ ڏاڍو چڱو ٿيندو، ڇو تہ ڪجهہ سالن کان پوءِ ڪو بہ اهڙو ماڻهو نہ بچندو، جيڪو اها تاريخ لکي سگهي. جنھن کان پوءِ راقم الحروف هي تاريخ (فريئر نامہ) لکي.“هيءَ تاريخ ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي فرمائش تي لکي ويئي هئي، انھيءَ ڪري هن جو نالو ’فريئر نامہ‘ رکيو ويو. هي ڪتاب ٽن بابن ۾ ورهايل آهي. پھرئين باب ۾ ڪلهوڙن، ٻئي باب ۾ ٽالپر حاڪمن ۽ انھن جي حڪومت جو احوال ۽ ٽئين باب ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت جو احوال شامل آهي. هيءُ ڪتاب فارسي نثر ۾ آهي، پر ڪٿي ڪٿي طويل فارسي شعر پڻ ڏنل آهن. ’فريئر نامي‘ جي ٻولي سادي ۽ عام آهي. هن تاريخي ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان ميرزا عباس علي بيگ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو