فرشو

فرشو (زرعي اوزار): سنڌ ۾ زراعت جي حوالي سان جديد ترقيءَ کان اڳ، سنگن مان اَن ڪڍڻ يا ڳاھہ لاءِ فرشي جو استعمال ٿيندو هو، جيڪو ٿريشر جي ايجاد کان پوءِ گهڻي قدر ختم ٿي ويو آهي، پر ڪن علائقن ۾ اڄ بہ رائج آهي. فرشي کي فرسو ۽ گانبولي بہ چئبو آهي، جنھن هاريءَ وٽ ٻن کان وڌيڪ ڍڳا هوندا آهن، اُهي هلر هلائيندا آهن ۽ جنھن وٽ ٻہ ڍڳا هوندا آهن، اُهي گهڻو ڪري فرشو ڪتب آڻيندا آهن. فرشو هن طرح استعمال ٿيندو آهي: هڪ سڌي ٿلهي ٿوڻي زمين ۾ کوڙي ويندي آهي، جنھن کي مُني يا ميڙھہ چيو ويندو آهي. ان جي ٻاهران گولائيءَ ۾ سنگ وڇايا ويندا آهن، ٻہ ڍڳا جن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽي، مـُني سان رسيءَ ذريعي ٻَڌا ويندا آهن. ڍڳن جي پويان ڪنڊي، ٻٻر يا ڄار جو اَٺ فوٽ کن ڊگهو ۽ گهاٽو ڍينگهر يا ڪاٺ جو پٽو ٻڌو ويندو آهي، جنھن کي فرشو چئبو آهي. فرشي جي لاءِ وڻ جو وڏو ٽار وڍي، ان مٿان وزن رکي، ڪجهہ ڏينھن جي لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن. جيئن داٻ سان ٽار ڊيگهہ توڙي ويڪر ۾ سڌو ٿي استعمال لائق بڻجي وڃي. فرشي جي مٿان وزن لاءِ ٻار وِهاريندا آهن يا هاري پاڻ ويھندو آهي، جيئن وزن اچڻ سان سنگ مان اَن نڪري سگهي. اهو سلسلو ٻن چئن ڏينھن تائين ايستائين جاري رکيو ويندو آهي، جيستائين اَن سنگن کان ڌار ٿي وڃي. ٻن ڍڳن مان مُنيءَ طرف ٻڌل ڍڳي کي ’اندرُو‘ ۽ ٻاهرين کي ’ٻاهرُو‘ چيو ويندو آهي. ڪجهہ علائقن ۾ ’اندرو‘ کي ميڙهي بہ چئبو آهي. ٿر ۾ فرشي تي ويٺل هاري همرچي جا ٻول ٻرائيندي ڳائيندو آهي تہ:
ميڙهي متو، اَن ۾ گتو،
اَن ڀريندي سج بہ لٿو
همرچو ڙي الاسه.
فرشي جي گهلجڻ سبب گولائيءَ کان ٻاهر نڪري ويندڙ سنگن کي هڪ ماڻهو ڏانداريءَ سان واپس گولائيءَ ۾ اڇليندو ويندو آهي. ڍڳن جي مسلسل فرشي گهلڻ سان ان سنگن مان ٻاهر نڪري ايندو آهي، جنھن کي وائري صاف ڪيو ويندو آهي.


لفظ فرشوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو