
فرزانه پروين
فرزانہ پروين (گلوڪاره): فرزانہ پروين جو اصل تعلق شھدادڪوٽ سان هو، پر پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي خيرپورميرس ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس ٻہ چاچا مور فقير ۽ مکڻو فقير سنڌ جا مشھور راڳي هئا. انهن کي ڳائيندو ڏسي ننڍپڻ کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق جاڳيو. هن کي پھريون ڀيرو ڳوٺ جي شادين مرادين ۾ ۽ پوءِ هوءَ ٻين ننڍن ننڍن پروگرامن ۾ بہ ڳائڻ لڳي. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي 1999ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.