فراق هاليپوٽو

فراق هاليپوٽو

فراق هاليپوٽو

فراق هاليپوٽو: سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ’فراق هاليپوٽي‘ جو اصل نالو فقير احمد ولد محمد سونھارو آهي. سندس جنم 18 مئي 1974ع تي، ڳوٺ سراج الدين هاليپوٽي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1995ع ۾، تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ٿوهر هيٺان ننڊ‘ (شاعري: 2008ع)، ’سمنڊ کي سوچي تہ ڏس‘ (شاعري: 2010ع)، ’دنيا گول نهين هي‘ (اردو شاعري: 2015ع)، ’اسان ڪٿي بيٺا آهيون‘ (ڪالم: 2016ع)، ’جامد ۽ متحرڪ تخليقي قدر‘ (مضمون: 2018ع) ۽ ’مجسمن سان ڳالھيون‘ (نثري نظم: 2020ع)، ’هڪ زندہ ڪيل قديم ٻولي‘ (جنم ڀيٽائي خاڪا: 2021ع)، ’درياھہ جو لھجو‘ (شاعري: 2022ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.05.18  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ’فراق هاليپوٽي‘ جو اصل نالو فقير احمد ولد محمد سونھارو آهي. سندس جنم 18 مئي 1974ع تي، ڳوٺ سراج الدين هاليپوٽي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب لغاري
شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
پريت رخسانه
ڀٽو حبيب ﷲ
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي
احسن حافظ محمد چنا
سوامي بسنت رام
آخوند فقير محمد عاجز
پلي سالار
الھہ بخش سرشار عقيلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون