فدا سرھيو

فدا سرھيو

فدا سرهيو

فدا سُرهيو: پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس والدين لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ ويٺا. ايم اي (سنڌي ادب)، بي ايڊ، اديب فاضل ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1948ع ۾ پرائمري استاد، 1973ع ۾ ليڪچرر ۽ 1992ع ۾ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. 1958ع کان 1961ع تائين ’بزم گلشن ادب‘ ۽ 1964ع ۾ ’ٻالڪ سنگت‘ سنڌ جو باني صدر رهيو. ’ادارہ سنڌي ادب‘ ٽنڊو محمد خان 1954ع ۾ قائم ٿيو تہ هي ان جو سيڪريٽري پڻ رهيو. اداري پاران سندس دور ۾ پبليڪيشن جو ڪم شروع ٿيو ۽ هڪ لائبريري بہ قائم ڪئي وئي. هن اداري طرفان ’مرڪز تعليم بالغان‘ قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنائين. هن ادارہ سنڌي ادب طرفان 15 ڪتاب، ادارہ گلشن ادب طرفان ايڪيھه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊي محمد خان طرفان ٻہ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾: ’جواهرات‘ (افسانا)، ’ڪرڻا‘ (افسانا) ۽ ’عورت‘ (افسانا، مضمومن ۽ مقالا) شامل آهن. هن 22 جنوري 2024ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.06.08  عيسوي

پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي نظام الدين
ڏاهري غلام محمد
پاڻيڻي
عبدالله مخدوم
جانڻ سونارو
صبا قمر
مفتي آفتاب احمد
اڪبر بادشاھہ
عبدالحميد آخوند
صالح بن ڀلو بهلة هندي بغدادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون