فتح ڳڙھہ

فتح ڳڙھہ (قلعو): هيءُ قلعو ضلعي ٿرپارڪر ۾ مٺي شھر کان ٻاهر ڏکڻ الھندي طرف مير فتح علي خان ٽالپر ٺھرايو هو. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌ تي ميرن جي حڪومت هئي، ان وقت ٿر واري علائقي ۾ سوڍن جي حڪومت هئي. ميرن ٿر کي پنھنجي حڪومت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف جاين تي قلعا ٺھرائڻ شروع ڪيا. مير فتح علي خان 1788ع ۾ ٿر گهمڻ ويو، جنھن گهمندي ڦرندي مٺي شھر جي اولھہ، ڏکڻ پاسي سنئين ميدان تي قلعو ٺھرائڻ جو فيصلو ڪيو. هوشيار ڪاريگر گهرائي ڪم جي شروعات ڪئي وئي. 1204ھہ/ 1789ع ڌاري ارڙهن مھينن جي عرصي ۾ قلعو جڙي راس ٿيو. قلعي جي اڏاوت تي ان وقت اٽڪل 15 لک روپيا خرچ آيو هو. قلعي ٺھڻ جي خوشيءَ ۾ مير فتح علي خان جلوس ڪڍرايو. قلعي جو نالو فتح ڳڙھہ رکيو ويو ۽ مٺي شھر جو نالو پڻ بدلائي فتح ڳڙھہ رکيو ويو، پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ شھر وري پنھنجي اصلي نالي سان سڏجڻ لڳو. هي قلعو ڊيگهہ ۾ 210 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 190 فوٽ هو. قلعي جون ديوارون مضبوط ۽ پڪين سرن سان اڏيل هيون. ديوارن جي اڏاوت ۾ ڪم آيل سرون ڊيگهہ ۾ اٺ انچ، ويڪر ۾ ساڍا پنج انچ ۽ ٿولھہ ۾ ڏيڍ انچ جون هيون. قلعي کي فقط اتر کان دروازو هو. دروازو 18 فوٽ ڊگهو، 10 فوٽ ويڪرو ۽ 10 انچ ٿُلهو هو، جنھن ۾ لوھہ جون مضبوط سيخون ڪم آندل هيون. قلعي اندر ڏاکڻي ڪنڊ تي سپاهين جي رهائش لاءِ 18 ڪمرا ٺھيل هئا، جيڪي عام ڪمرن جيڏا هئا. انهن ڪمرن جي ڀرسان عملدارن جي رهائش لاءِ 3 وڏا ڪمرا ٺھيل هئا، جن ۾ سجاوٽ ٿيل هوندي هئي. انهن ٽن ڪمرن مان هڪ ۾ رهائش سان گڏ لائبريري جو پڻ انتظام هو. قلعي جي اترين ڪنڊ تي هڪ وڏو ٿلھو ٺھيل هو، جيڪو 14 فوٽ ڊگهو، 12 فوٽ ويڪرو ۽ ساڍا پنج فوٽ اوچو هو. انهي ٿلهي تي مير فتح علي خان ڪچھري ڪندو هو. قلعي جي الهندي حصي ۾ مسجد هئي. پاڻيءَ لاءِ حوض بہ هو. حوض جي ڊيگهہ 10 فوٽ، ويڪر 7 فوٽ هئي. قلعي جي سار سنڀال لاءِ اڍائي سئو سپاهي ۽ پنج عملدار مقرر هئا. قلعي جي اُترين ڪنڊ وٽ هڪ مزار هئي، جيڪا قلعو جوڙيندڙ ڪاريگر مراد خان جي هئي. جنھن قلعو ٺاهڻ کان پوءِ اتي ئي وفات ڪئي هئي. اها مزار هاڻي قلعي سان گڏ ميسارجي وئي آهي. انگريزن سنڌ تي قبضي بعد هن قلعي کي تباھہ ڪري ڇڏيو. هن وقت هي ماڳ مقامي رهواسين جي والار هيٺ اچي رهائشي آبادي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.


لفظ فتح ڳڙھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو