فتح محمد نظاماڻي

فتح محمد نظاماڻي: هيءُ ويهين صدي هجري جو مشھور سنڌي عالم ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ديني ڪتاب لکيا. هيءُ بزرگ حيدرآباد شھر کان ڏهاڪو ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ٽنڊي قيصر جو رهاڪو هو. ابتدائي تعليم ۽ قرآن مجيد خليفي ميان خان محمد وٽ پڙهيو. بعد ۾ ميـان پـيـر محـمـد ٿيـٻـي کان عـربي ۽ فارسـيءَ جـي ابتـدائي تعليـم حاصل ڪيائين. آخر ۾ قاضي عبدالغني کڏهر واري وٽ فقھ، اصول فقھ ۽ حديث جي علم جي تڪميل ڪيائين.قاضي فتح محمد جي قبيلي جا ماڻهو پير رشدالله بيعت ڌڻيءَ جا مريد هئا، ان نسبت سان پنھنجي پٽن جي تعليم لاءِ ٽنڊي قيصر مان پاڻ سان گڏ پير جهنڊي وٺي ويو. ان وقت قاضي صاحب جي عمر 28 ورهيہ هئي. پير جهنڊي جي مدرسي ’مدرس دارالارشاد‘ ۾ پاڻ لاڳيتو چاليهن سالن تائين درس ڏيندو رهيو. قاضي فتح محمد ’مفتاح رشد ‘ نالي سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير چوڏهن سؤ صفحن تي لکيو هو، جيڪو ٻہ دفعا شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪيترن رائج ڪتابن ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’قافيه شافيه‘ تائين جو ترجمو ڪيو. صحيح بخاريءَ جي ٽيهن پارن مان سورهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، پر هن وقت انهن مان فقط ٽي سيپارا ٽنڊي قيصر واري ڪتبخاني ۾ موجود آهن.


لفظ فتح محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو