ڊاڪٽرفتح محمد مري

ڊاڪٽرفتح محمد مري

فتح محمد مري ڊاڪٽر

فتح محمد مري، ڊاڪٽر: مشھور تعليمدان زرعي ماهر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد ولد ڪريم داد مري 20 جون 1971ع تي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام مان زرعي اقتصاديات ۾ ايم. اي ۽ ڊاڪٽريٽ(Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪئي. 2013ع ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ، ڪراچيءَ مان پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سرٽيفڪيشن ڊپلوما ڪيو. سندس 24 کان مٿي تحقيقي مقالا مختلف ڏيھي ۽ پرڏيھي تحقيقي جرنلز ۾ ڇپيل آهن. پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي اقتصاديات ۽ پاڻي جي انتظام بابت، قومي ۽ بين الاقوامي ادارن سميت هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سيمينارن ۾ شرڪت ڪري ليڪچر پڻ ڏنا آهن، سندس علمي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن. پاڻ هاير ايجوڪيشن ڪميشن جو ميمبر ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (وقتي) رهيو آهي. هن وقت سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام ۾ وائيس چانسلر طور پنھنجون خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.06.20  عيسوي

مشھور تعليمدان زرعي ماهر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد ولد ڪريم داد مري 20 جون 1971ع تي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رابرٽ ليچ
سيد محمد علي شاهه
عثمان عباسي مخدوم
جلال حجام سنڌي شيخ
جت ونهيون فقير سالاراڻي
اضعف هالائي
سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو
جمعو شيدي 2
شيرين عظيم
جان بابا مرزا ترخان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون