فتح فقير (صوفي شاعر): فتح فقير جو پورو نالو فتح محمد ڪلهوڙو هو. فقيريءَ سبب ’فتح فقير‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس جنم 1180ھہ/ 1766ع ڌاري ڳوٺ بُگ، تعلقي خيرپورناٿن شاھہ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. جوانيءَ واري ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ ڊومڻ واھہ ڪناري اوتارو اڏي اچي ويٺو. اهو اوتارو اڄ تائين قائم آهي. هو جواني ۾ حيدرآباد لڏي آيو، هن سڄي عمر شادي نہ ڪئي. وقت جا حاڪم مير صاحبان ساڻس عقيدت رکندا هئا ۽ خانقاھہ جو خرچ پڻ ڏيندا هئا. فتح فقير، سيد قنبر علي شاھہ ڀاڏ شريف، ٺٽي واري جو مريد هو. 1843ع ۾سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد پنھنجي مرشد وٽ ’گنبالي‘ ۾ وڃي رهيو. جتي ڪجهہ مھينا رهڻ بعد ان ئي سال وفات ڪيائين. سندس مزار گنبالي کان هڪ ميل ڏکڻ طرف آهي. سندس ڪلام ۾ ڪافيون گهڻيون ملن ٿيون. هن بيت، مولود ۽ مداحون پڻ چيون. پاڪستان جي قيام بعد ڪيترن ئي مولودن جي ڪتابن ۾ سندس مولود ڇپيا ۽ بمبئي ۾ ڇپيل ’مجموعه مدحيات‘ ۾ سندس ڪجهہ مدحون ڇپيون. سندس شاعري، ڊاڪٽر پروفيسر اعجاز کوهاري ’فتح فقير جو ڪلام‘ جي نالي سان ترتيب ڏيئي، 2023ع ۾ ڇپائي آهي.