فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ (اديب ۽ شاعر): فتاح ملڪ 03 مارچ 1939ع تي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ غلام قادر ملڪ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بي. اي 1961ع ۾ اسلاميہ ڪاليج سکر مان ۽ ايل.ايل.بي 1963ع ۾ حـيدرآباد لا ڪاليج مان پاس ڪئي. هو 1964ع کان سکر ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ان دوران ون يونٽ خلاف تحريڪ شروع ٿي تہ هن بہ ان ۾ حصو ورتو. هو اسڪول جي زماني کان ئي شاعري ڪندو هو. هن شاعريءَ کان سواءِ ڪالم ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ ۽ ’اسان اَوَنگ چاڙهيا‘ (شاعري)، ’ڀينر هن ڀنڀور ۾‘ (ڪالم)، ’جيڪي ياد پيوم‘ (يادگيريون) قابلِ ذڪر آهن. فتاح ملڪ ڪجهہ وقت سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل پڻ رهيو. کيس علمي ادبي پورهئي ۽ سماجي خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. فتاح ملڪ 12 آگسٽ 2025ع تي وفات ڪئي


لفظ فتاح ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.03.03  عيسوي

فتاح ملڪ 03 مارچ 1939ع تي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ غلام قادر ملڪ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2025.08.12  عيسوي

فتاح ملڪ 12 آگسٽ 2025ع تي وفات ڪئي



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
آسانند مامتورا
شاهد احمد دهلوي
صديق سالڪ برگيڊيئر
ديوي ناگراڻي
گل محمد شاھہ بخاري
حشو ڪيولراماڻي
ڌاريجو علي حسن
سيد شاھہ محمد شاھہ
قابل ڏاهري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون