فال (علم): فال جي لغوي معنيٰ اڳڪٿي، پيشنگوئي يا سوڻ آهي. عام خيال آهي تہ هيءُ علم ھندوستان مان شروع ٿيو. هندو مذهب موجب هنن کي وري اھو چئن راڪشن وٽان مليو، جيڪي لنڪا ۾ رامچندر سان مليا ھئا. ڌار ڌار مذهبن، قومن ۽ قبيلن وٽ فال وجهڻ جا پنھنجا عجيب ۽ انوکا طريقا آهن. چيو وڃي ٿو: فال وارو دل ۾ يقين رکي ڍاري کي ھٿ جي تريءَ ۾ ڦيرائي، ٽي دفعا اڇلائيندو آھي، پوءِ اکرن ۾ جواب ڏيندو آھي. ڪوھستاني ماڻهو ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو ھڪ عجيب نموني سان ڌاڳي کي ڳنڍيون ٻڌي فال وجهندا آھن. ڌاڳي جا ھڪ جيڏا سَت ٽڪر وٺي آڱوٺي کي ويڙھي ھڪٻئي سان ٻڌندا آھن، پوءِ ڌاڳو کوليندا آھن. ان تي جيڪي ڳنڍون نظر اينديون آھن، تن مان بہ مستقبل جو اندازو لڳائيندا آهن. اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي طريقن سان فال وڌي ويندي آهي. فال ڪو سائنسي علم ناهي پر پراڻي زماني جي روايت آهي. فال وجهندڙ ۽ فال کي مڃيندڙن جون گهڻيون ئي روايتون ۽ مڃتائون آهن. عام طرح سنڌ ۾ جيڪي فالون مروج آھن، انھن ۾ خاص ڪري هي آهن:
(1) ڪؤنرو ڦيرائڻ: چوريءَ وغيرہ جي حالت ۾ ٻہ ماڻهو وضو ڪري، اشھد آڱر سان پاڻيءَ سان ڀريل ڪؤنرو جهلي هڪ ٻئي سامھون ويھندا. پوءِ جن ماڻهن ۾ شڪ ھوندو، انھن جا نالا ھڪ ھڪ ڪري وٺبا. فال ۾ ويساھہ رکندڙن موجب جنھن نالي تي ڪؤنري ڦرڻ شروع ڪيو، ان نالي وارو چور ليکبو.
(2) چانورن جي فال: چانورن جي مٺ ڀري ان جو چوٿون حصو ڪبو. وري انھيءَ چوٿين حصي ۾ آيل چانورن جا چؤنڪ ٺاھبا. چيو وڃي ٿو تہ پڇاڙيءَ ۾ جيڪڏھن اِڪي بچي تھ ڪم ٿيندو، جي ٻڌي بچي تہ ڪم ڪونه ٿيندو.
(3) گزڪمان جي فال: چيو وڃي ٿو تہ مراد وارو ماڻهو پھرينءَ سٽ سان جي ڪماڻ چاڙھي ويو تھ ڪم ٿيندو، پر جي ڪماڻ نھ چڙھي تہ ڪم ڪونه ٿيندو.
(4) نڪ سان فال: نڪ جي هڪ ناس تي آڱر رکي ٻيءَ ناس مان ساھه کڻبو. فال موجب جيڪڏھن سڄي پاسي واري ناس مان ساھہ کڄي تہ ڪم ٿيندو ۽ جي کٻي پاسي واري ناس مان ساھہ کڄي تہ ڪم نہ ٿيندو.
(5) ڪاٺين جي فال: تيلين جهڙيون ڪاٺيون کڻي، انھن کي ٽڪر ٽڪر ڪري رکندا، پوءِ انھن کي ڳڻندا. چيو وڃي ٿو تہ جيڪڏھن اِڪي انگ آيو تہ ڪم ٿيندو، پر جي ٻڌيءَ جو انگ آيو تہ ڪم ڪونه ٿيندو.
(6) ڪنڌ جي فال: ڪنڌ کي يڪدم کاٻي ورائيندا. چيو وڃي ٿو تہ جي کاٻي پاسي ورائڻ سان سور ٿيو تہ ڪم ڪونھ ٿيندو، پر جي سور نہ ٿيو تہ ڪم ٿيندو.
(7) ليڪن واري فال: زمين تي فوٽ ڏيڍ ڊگهي ليڪ ڪڍي، وري ان ڊگهي ليڪ جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ننڍيون ليڪون ڪڍندا. پوءِ ھڪ ليڪ ڇڏي، ٻيءَ ليڪ تي ھٿ رکندا ويندا. چون ٿا ته، جيڪڏھن پڇاڙيءَ جو ھڪ ليڪ بچي پئي تہ ڪم ٿيندو، جي نہ بچي تہ ڪم ڪونه ٿيندو.
(8) آڱرين سان فال: اکيون پوري، ٻنھي ھٿن جي وچ وارين آڱرين جا مٿا ھڪٻئي سان ملائيندا، چون ٿا ته، جيڪڏھن مٿا آمهون سامهون ھڪٻئي سان مليا تہ ڪم ٿيندو، جي نہ مليا تہ ڪم نہ ٿيندو.
(9) ديوان حافظ مان فال: ديوان حافظ مان فال ڪڍڻ جو رواج مغلن جي دؤر کان بہ آڳاٽو آهي. ديوان حافظ مان فال ڪڍڻ جي لاءِ مغل دؤر کان حرفن وارا چارٽ تيار ٿيل ملن ٿا ان چارٽ مان قاعدن موجب ڪا نہ ڪا مصرع نڪريو اچي. فال ڪڍندڙ چار قُل پڙهي اکيون بند ڪري ڏينھن يا رات واري چارٽ مان ڪنھن بہ هڪ تي اشھد آڱر رکندو، پوءِ جيڪو حرف مليو. ان کان پوءِ ان چارٽ جو هر اٺون نمبر حرف شامل ڪندو ويندو، جڏهن پورو چارٽ ڦري ايندو، تڏهن فال ڪڍندڙ انھن کنيل حرفن کي ملائيندو ويندو، جنھن مان حافظ شيرازي جي ديوان مان ڪنھن نہ ڪنھن غزل جو مطلعو نڪري ايندو ۽ اهو ئي جواب تسليم ڪيو ويندو.
(10) شاھہ جي رسالي مان فال: سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو ديوان حافظ وانگي شاھہ جي رسالي مان پڻ فال ڪڍندا آهن ۽ سامهون آيل بيت يا سٽ مان رهنمائي حاصل ڪندا آهن.
(11) ڪانءُ جي فال: گهر تي ويٺل ڪانءُ کي چئبو تہ ”جي فلاڻو ڪم ٿئي تہ اِتان اڏامي ٻئي ھنڌ ويھه“. چيو وڃي ٿو ته، پوءِ جي اتان اڏامي ٻئي ھنڌ ويٺو تہ ڪم ٿيندو، نہ اڏاميو تہ ڪونه ٿيندو.
سنڌ ۾ فال جي روايت تمام آڳاٽي آهي. ڪٿي ڪٿي اڃا بہ اهو سلسلو جاري آهي. اڳئين زماني ۾ ماڻهن وٽ ڄاڻ جو ڪو بہ ذريعو نہ هو، ان ڪري فال ذريعي ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. فال بابت سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.