
فاروق سومرو
فاروق سومرو: ليکڪ ۽ صحافي فاروق ولد مولوي ولي ڏنو سومرو 11 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ اسٽوريون لکيون، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهن، ان کانسواءِ هي روزاني ’برسات‘ اخبار جو 1992ع کان 1994ع تائين سب ايڊيٽر، روزاني ’پڪار‘ جو نيوز ايڊيٽر (1994ع)، روزاني ’سنڌ‘ جو سينيئر سب ايڊيٽر (1995ع)، روزاني ’ڪوشش‘ جو نيوز ايڊيٽر 1995ع کان 1997ع تائين ۽ روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ جو 2012ع کان 2019ع تائين ايڊيٽر رهي چڪو آهي.
1969.03.11 عيسوي
ليکڪ ۽ صحافي فاروق ولد مولوي ولي ڏنو سومرو 11 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.