فاروق سولنگي

فاروق سولنگي

فاروق سولنگي

فاروق سولنگي: فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو. هن 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشيالاجيءَ ۾ ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي 1974ع ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ شايع ٿي. 1980ع تائين پاڪستان ٽيليويزن ۽ پوءِ مختلف خانگي ٽي. وي چئنلن تي سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿيا. پي. ٽي. وي تان ’گامون سچار‘ ڊرامي جون 26 قسطون نشر ٿيڻ کان پوءِ سندس شھرت ۾ اضافو ٿيو. بعد ۾ هن اردو ڊراما بہ لکيا، اردو ڊراما سيريل ’بيچاره‘ جون 12 ۽ ’دنيا ديواني‘ سيريل جون 9 قسطون پي. ٽي. وي تان نشر ٿيون. ان کان سواءِ هن ڪيترائي سولو پلي بہ لکيا. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’سرد هوائون‘ 2000ع ۾ ڇپيو، ’وکريل ماڻهو‘ جي نالي سان سندس ناول بہ ڇپجي چڪو آهي. فاروق سولنگي سوشل ويلفيئر آفيسر طور رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ فاروق سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.10  عيسوي

فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو.


2009.07.13  عيسوي

فاروق سولنگي 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرشيد لغاري
پير لاکو لطف ﷲ
آچر پاڪستاني
شرميلا ٽئگور
بيگم رعنا لياقت علي خان
حفيظ شيخ
ڏاهري رضا محمد
آر ڪي سڌوا
راجا بل عرف ابن سومرو
حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون