فاروق بجاراڻي

فاروق بجاراڻي

فاروق بجاراڻي

فاروق بجاراڻي: محقق ۽ ڪالم نويس فاروق علي ولد لطف الله بجاراڻي جو جنم پھرين فيبروري 1981ع تي، ڳوٺ وزير خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو. ابتدائي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، تنگواڻي ۽ غوثپور مان حاصل ڪئي. 2005ع ۾ سول انجينئرنگ جي اعليٰ ڊگري قائد عوام انجينئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان حاصل ڪري، سنڌ جي اهم ترقياتي رٿائن ۾ سول انجينئر جي حيثيت سان شامل رهيو. هن لکڻ جي شروعات روزاني ’ڪاوش‘ اخبار کان ڪئي. 2011ع کان 2019ع تائين سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آبپاشيءَ جي اهم معاملن تي سندس 400 کان وڌيڪ مضمون ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ڪجهه مضمون ’افيئر‘ مئگزين ۾ به شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.02.01  عيسوي

محقق ۽ ڪالم نويس فاروق علي ولد لطف الله بجاراڻي جو جنم پھرين فيبروري 1981ع تي، ڳوٺ وزير خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمرالدين زرداري
اختر اديب
سيد قادر ڏنو شاهه
سنت مهر بخش
ٻلديو گاجرا
شفيع اوڪاڙوي مولانا
ستئونداس حڪيم
پريل فقير پينار
علي محمد فقير صوفي
ٻڍو بالادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون