
غيرت جو سوال
غيرت جو سوال (فلم): العباس فلمز جي پيشڪش هيءُ سنڌي فلم 1974ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي. هن فلم جو ليکڪ ۽ هدايتڪار يونس راٺوڙ، پروڊيوسر عقيل خان ۽ موسى ڪليم هئا. جڏهن تہ هن فلم ۾ محبوب ترمذيءَ جي شاعري ڳائي وئي ۽ موسيقي ترتيب ڏيندڙ فيروز گل ۽ رضا حيدر هئا. فلم ۾ هيٺين اداڪارن حصو ورتو: عشرت چوڌري، ڪيفي، ناصره، افضال احمد، محبوب عالم، ناهيد، قربان جيلاني، ڪرن، ملڪ انوکو، اي.آر بلوچ ۽ شھباز دراني. هيءُ فلم چاندني، نشاط سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، تاج محل سئنيما ڪراچي، شھاب سئنيما حيدرآباد، دلشاد سئنيما نوابشاھہ ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي. هي نهايت ئي مقبول سنڌي فلم هئي.