غوث پيرزادو

غوث پيرزادو

غوث پيرزادو

غوث پيرزادو: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم غوث بخش پيرزادي آگسٽ 1968ع ۾ ٻلهڙيجي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪريم بخش پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ۽ ايم. اي سوشيالاجي اٿس. کيس ننڍپڻ کان ئي ادبي ۽ سياسي ماحول ميسر رهيو. جنهن سبب پرڏيهي توڙي پرڏيهي ادب پڙهڻ جو شوق رهيو آهي. هن ادب ۾ لکڻ آغاز 1988ع ڌاري ڪيو. عبرت مئگزين، سوجهرو، لهرون، امرتا، سارس، همرچو، سارنگا، عبرت اخبار، عوامي آواز، جاڳو سميت ٻين سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندن شاعري ۽ ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن. شاعريءَ ۾ غزل، نظم، ٽيڙو ۽ بيت جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان کان سواءِ ترجمي جو کيس چڱو ڏانءَ اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘مئل ضمير جو مرثيو’ (شعري مجموعو/ ترجمو: 2001ع)، ‘چيڪي مٽي’ (شاعري: 2010ع) ۽ ‘رمجهول’ (شاعري: 2011ع) شامل آهن. ادبي خدمتن کانسواءِ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پڻ سدائين ڪوشان رهندو آيو آهي. هن وقت گلشن حديد، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو