غوثل ميراڻي

غوثل ميراڻي: مشھور شاعر غوثل ميراڻي، تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ هنڱوري ۾ ڄائو. عمر جو ڳچ حصو بائجي شريف ۾ گذاريائين. عوامي سنڌي شاعريءَ جو سٺو شاعر هو. شيرل باڊاهي، پيرل قمبر وغيرہ سندس همعصر هئا. ٺيٺ سنڌي لفظ، عوامي انداز ۽ تشبيهن، استعارن جي استعمال سان نهايت دلچسپ ۽ پختي شاعري ڪندو هو. سندس 22 شعري مجموعا شايع ٿيا، جن مان اڪثر علي ڳڙھہ ڪتاب گهر سکر وارن ڇپايا. جن مان (1) گوهر نظم، (2) پيار جو پيغام، (3) قرب جا ڪلام، (4) شب فرقت، (5) حسن جي بازار، (6) آخري فيصلو، (7) ڪاري رات وغيرہ مشھور آهن. غوثل ميراڻيءَ جو ڪلام ڪيترن ئي سريلن فنڪارن ڳائي شھرت ماڻي. هن 1974ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ غوثل ميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو