غني ڪانڌڙو

غني ڪانڌڙو

غني ڪانڌڙو

غني ڪانڌڙو: اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار غني ڪانڌڙي جو پورو نالو عبدالغني ولد حمزہ علي ڪانڌڙو آهي. سندس جنم 8 نومبر 1958ع تي ڳوٺ بازاري ڪانڌڙا، تعلقي نصير آباد، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نصير آباد 1969ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصير آباد 1974ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي 1977ع ۾، بي. ايس. سي جامع مليه ڊگري ڪاليج ملير ڪراچي 1982ع ۾، ماسٽرس سوشالاجي جي مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 2008ع ۾ ڪئي. ان کان علاوہ ايم. ٽي. سي پاڪستان اسٽيل مان ٻہ سال ڊپلوما ڪورس (1980ع) پڻ ڪيل اٿس. غني ڪانڌڙي لکڻ جي شروعات 1972ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1978ع ۾ پاڪستان اسٽيل مل ۽ آئيزن شپ کان ڪئي. 1981ع ۾ پلانٽ آپريٽر، 1983ع ۾ سپروائيزر، 1986ع ۾ فورمين، 1987ع ۾ جونيئر آفيسر، 1993ع ۾ اسسٽنٽ مئنيجر، 2008ع ۾ ڊپٽي مئنيجر جي عهدن تي ڪم ڪيو اٿائين.
غني ڪانڌڙو مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. جن ۾: جماعت اسلامي، جمعيت العماءَ سنڌ، سنڌ پورهيت سنگت، سنڌي عوامي تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌي مزدور تحريڪ، سگا، سنڌي ادبي سنگت وغيرہ قابل ذڪر آهن. غني سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي جو 3 دفعا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سندس مضمونن جو هڪ ڪتاب ‘سنڌو ماٿري کان سڏ’ شايع ٿيل آهي. غني ڪانڌڙو گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ غني ڪانڌڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو