غلطي (ڪتاب)

غلطي (ڪتاب)

غلطي ڪتاب

غلطي (ڪتاب): هي ڪتاب آغا ثنا خان جي ڪهاڻين جون پهريون مجموعو آهي. ان کان اڳ آغا ثنا خان جا چار سفرناما ‘هلو تہ هندستان گهمون’، ‘هلو تہ نيپال گهمون’، ‘هلو تہ آمريڪا گهمون’ ۽ ‘چوٿون چڪر آمريڪا جو’ ڇپيل آهن. ‘چوٿون چڪر آمريڪا جو’ کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2016ع جو بھترين سفرنامي جو انعام پڻ ڏنو آهي. غلطي آغا ثنا خان جو پنجون ڪتاب آهي. جنهن ۾ سندس پندرهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار پرويز ۽ بئڪ ٽائيٽل يوسف سنڌيءَ جو لکيل آهي. 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو/ حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپرايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو