غلام نبي ڪلھوڙي جو مقبرو

غلام نبي ڪلھوڙي جو مقبرو

غلام نبي ڪلھوڙي جو مقبرو

غلام نبي ڪلھوڙي جو مقبرو: ھي مقبرو حيدرآباد ۾ ميان غلام شاھھ ڪلهوڙي جي مقبري کان 243 ميٽرن جي فاصلي تي جيل روڊ ھيرآباد، حيدرآباد ۾ واقع آھي. ميان غلام نبي ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي ھڪ سال جي مختصر عرصي يعني 1775ع کان 1776ع تائين حڪومت ڪئي. ميان غلام نبي مير بجار خان سان جنگ ڪندي لانياريءَ واري ويڙھھ ۾ مارجي ويو ھو. سندس مڙھھ کي حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو، جنھن تي پوءِ عاليشان مقبرو تعمير ڪيو ويو.
ھيءُ مقبرو ميان جا قبا، تعلقي دولتپور ۾ واقع قائم خان ڪلوئيءَ جي مقبري وانگر اٺ ڪنڊي طرز تي پڪ سري عمارت آھي. مقبري کي چوڌاري نوڪين ونگن سان ھڪجهڙا مھاڙا ڏنل آھن، جن مان اترئين طرف وارو مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ لنگهھ طور ڪتب اچي ٿو. مقبري ۾ داخل ٿيڻ جي اھوئي واحد لنگهھ آھي، جڏھن تھ باقي ست مھاڙا/ دروازه ديوار ڏئي بند ڪيا ويا آھن، مکيھ لنگهھ جي ڊيگهھ 37 فوٽ 8 انچ ۽ ويڪر 29 فوٽ 6 انچ آھي. لنگهھ جي وچين ونگ 24 فوٽ 8 انچ ڊگهي، 19 فوٽ 8 انچ ويڪري ۽ 4 فوٽ 3 انچ گهري آھي. لنگهن وچ ۾ بنيادي نوڪدار ونگن جي ماپ ڊيگهھ ۾ 33.6 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 19.9 فوٽ آهي. انهن ونگن اندر گهرائي ۾ وڌيڪ ننڍا ونگ ڏنل آهن.
مقبري جي سموري عمارت چيرولي سان پلستر ٿيل آھي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ مٿس گهريون نيريون، خاڪي، پيليون، سايون ۽ ھلڪي نيري رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن. ٻاھرين ديوارن جي حاشين تي لسن پٿرن ۽ ڪاشيءَ جي سھڻين سرن سان سجاوٽ ٿيل آھي.
مقبري جو اندريون حصو چورس ماپ جي ڪوٺڙي نما آھي، جنھن ۾ ٿلهي تي چئني طرفن کان ماربل لڳل آھن. عمارت جو اٺڪنڊو خاڪو پيٺل ونگن جي صورت ۾ وڌيڪ سورنھن حصن ۾ ورھايل آھي، جيڪو ڇت تي وڃي ڳچ (drum) ٺاھي ٿو. محراب، اولھھ واري ديوار طرف ٺھيل آھي. ھن ڪوٺڙي اندر ٽي مزارون آھن، جن مان وچين قبر ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي آھي. اھي ٽي مزارون پڪين سرن جون ٺھيل ۽ چُن سان پلستر ٿيل آھن، جڏھن تھ ٿلهي تي خوبصورت گلڪاريءَ جي اڪير ٿيل آھي. اتر اولھھ ڪنڊ کان ڇت تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ آھي. مقبري جي اندران جوڙ- ڪنڊون مٿي وڃي ڳچ ٺاھين ٿيون، جيڪو سورنھن پاسو آھي. ان جي مٿان سورنھن حصن ۾ ورھايل وڏو گنبذ رکيل آھي. گنبذ مٿان ڪوڻيءَ جو گل رکيل آھي.
ھي مقبرو وسيع اڱڻ تي مشتمل آھي. اڱڻ کي چوڌاري اٺ فوٽ اوچو احاطو ڏنل آھي. ديوارن تي اڌ گولائيءَ واريون ونگون ڏنل آھن، جيڪي ملي ڪري گهڙت واري آرائش جا مستطيل پينل ٺاھين ٿيون. ھن ديوار ۾ اوڀر طرف کان فقط ھڪ لنگهھ آھي، مکيہ لنگهھ کان مقبري تائين جو فاصلو 87 فوٽ آھي. ھيءُ مقبرو ڪلهوڙا دور جو اھم يادگار آھي ۽ سنڌ آرڪائيوز جي فھرست ۾ تاريخي ورثي طور شامل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو