
غلام نبي ڪلھوڙو مسجد
غلام نبي ڪلھوڙو مسجد: ھيءَ ڪلهوڙا دور جي حاڪم غلام نبي ڪلهوڙي جي ٺھرايل مسجد آھي، جيڪا جيل روڊ ھيرآباد، حيدرآباد ۾ سندس مقبري جي احاطي سان لڳ ٻاھر ٺھيل آھي. ھن مسجد جو اڏاوتي نمونو ڪلهوڙا دور جي ٻين مسجدن وانگر آھي، جيڪي ڳاڙھي، سامتاڻي، پراڻي خداآباد ۽ نئين خداآباد (ھالن واري) ۾ ٺھرايل آھن. مسجد کي اڳيان اڱڻ ڏنل آھي، جيڪو احاطي ۾ بند آھي. ان کي ھڪڙو ئي لنگهھ ڏنل آھي. مھاڙي شاندار اٿس، جيڪا ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. سڀئي حصا ھڪ جيترا آھن. مسجد جو عبادتي حجرو درين سبب روشن رھي ٿو. اھي دريون ڀت ۾ اتر ۽ ڏکڻ طرف ڏنيون ويون آھن. مھاڙيءَ ۾ ٻيڙٻنو ڪنگرين سان سينگاريل آھي. وچ تي ھڪ خاص اڏاوت تاج ٺاھي مھاڙيءَ کي سينگاريو ويو آھي. مسجد جي ڇت ٽن نوڪي گنبذن سان سنواريل آھي. جيڪي اٺ ڪنڊي ڳچ تي رکيل آھن. وچون گنبذ باقي پاسي وارن گنبذن کان وڏو آھي. باقي بناوت ۾ ٽيئي گنبذ ھڪجهڙا آھن. مسجد جي اندر سھڻو محراب ٺھيل آھي، جيڪو ٻاھران بھ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مسجد سڄي مستطيل پانيلن سان سينگاريل آھي. مسجد کي ڪنڊن وٽ ميناريون ٺھيل آھن.