غلام نبي غازي

غلام نبي غازي

غلام نبي غازي

غلام نبي غازي: ناليوارو شاعر غلام نبي غازي ولد رحيم ڏنو ميمڻ، 1 جنوري 1940ع تي ميرپور ٻرڙي، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائنل آھي. ھن عملي زندگيءَ جي شروعات 1968ع کان اريگيشن کاتي ۾ اليڪٽريشن طور ڪئي. بعد ۾ منڊو ديرو، ڪنڍي فارم ۽ روھڙيءَ ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1975ع ڌاري سندس بدلي ڪراچي ٿي ۽ کيس سپروائيزر مقرر ڪيو ويو. پر ڪراچي نھ ويو ۽ نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين. بعد ۾ سکر شھر ۾ اليڪٽرڪ جو دڪان کولي پيٽ گذر ڪرڻ لڳو. سندس والد راڳداريءَ جي فن جو ڄاڻو ھو. غازي کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو شوق ھو. ‘غازي’ تخلص اختيار ڪري شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس شاعري ٽماھي مھراڻ، پيغام ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿي چڪي آھي. سندس شاعري ناصحاڻي، اصلاحي ۽ تبليغي آھي. ھن ٻارڙن لاءِ شاعريءَ ۾ مزاحيھ شعر پڻ چيو آھي. سندس شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب ‘ديوان غازي’ سکر شھر مان شايع ٿيو.


لفظ غلام نبي غازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو