سـولـنگـي، غلام مـصـطـفيٰ2

سـولـنگـي، غلام مـصـطـفيٰ2

غلام مصطفيٰ سولنگي 2

غلام مصطفيٰ سولنگي 2: ٽي. وي پـروڊيـوسر ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ ولد غلام حيدر سولنگي، پهرين آگسٽ 1971ع تي ڳوٺ سهتا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ’مولوي عربيڪ اوريئينٽل ڪاليج‘ لاڙڪاڻي مان ڪيائين. نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز (نمل) اسلام آباد مان انگريزيءَ ۾ ڊپلوما، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم. اي، شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ايم. اي (سماجيات) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) بہ ڪيائين. هن تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگيءَ جي شروعات مئنيجمينٽ ٽريني P.S.O طور ڪئي. ڪجهہ وقت ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر ۽ پوءِ آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج شڪارپور جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو، بعد ۾ پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان رهيو. هن وقت پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي سينيئر پروڊيوسر آهي. غلام مصطفيٰ سولنگي بنيادي طور ٻاراڻي ادب جو ليکڪ رهيو آهي. ڪهاڻيون ۽ ترجما لکڻ جي شروعات 1982ع کان ڪيائين. سندس پهرين لکڻي ٻارن جي رسالي گلڙا پبليڪيشن شڪارپور ۾ ڇپي. ان بعد مهراڻ، نئين زندگي، گل ڦل، سرتيون، وينجهار، ٻالڪ رنگ، ساٿي، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، هزار داستان، پوپٽ، سنڌ سجاڳ، نئون نياپو، ڪلچرل هيريٽيج وغيرہ رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون رهيون. هي مختلف ڪاليج مخزنن ۽ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. هن ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪيترا ڪامياب پروگرام ڪيا آهن، جن ۾ پي. ٽي. ويءَ جو ’سنڌ صدين کان‘ پروگرام مشھور ٿيو. ٻارن لاءِ سندس ڪيترا ڪتاب بہ لکيل آهن، جن ۾ (1) عقلمند قاضي، (2) ٽي کارڪون، (3) سياڻو شاگرد، (4) مايوس ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي، (5) اسلامي رياست ۽ تعليمي نظامت، (6) براهوي گرامر (اردو- لسانيات)، (7) ڳائيندڙ کنڀ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون)، (8) ننڍڙي سائي ريل (ناول: ترجمو) وغيرہ شامل آهن. سندس هيٺيان انگريزي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن: 1. Pakistan’s Ties with Central Asia 2. Sindhica English- Sindhi Dictionary 3. Sindhica Scientific Dictionary 4. Sindhica Practice Grammar (Vol: I-II) 5. Sindhica Basic Grammar (Vol: I-II) 6. Sindhica Applied Grammar (Vol: I, II, III) 7. Sindhica Forms of Verbs 8. Sindhica Tenses 9. Sindhica Standard English 10. Sindhica English Speaking Course 11. Sindhica School English 12. Sindhica Essays and Letters 13. Sindhica 1000 words 14. Sindhica Phrasal Verbs ان کانسواءِ هن ڪيتريون ڊاڪيومينٽريون جھڙوڪ: ’هڪ آڱر وارا ماڻهو‘، ’سنڌ جا مرجاني جزيرا‘، ’ڪُتي جي قبر‘، ’دل دنبورو جن‘ (شاھہ جي دنبوري بابت دستاويزي فلم)، ’ووڙيم سڀ وٿاڻ‘ (شاھہ لطيف سان لاڳاپيل ماڳ)، ’گورک هل اسٽيشن‘، ’ڪارونجهر جبل‘، ’جين مندر‘، ’سيرت لائبرري‘، ’قرآن لائبرري‘، ’فيض محل‘، ’مهراڻو‘، ’ڪونج‘ وغيرہ پڻ ٺاهيون. هن کي ڪيترن ادارن طرفان اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ ’ٻيڙو فقير ڪنڀار اوارڊ‘ (2004ع)، پي. ٽي. وي طرفان ’بيسٽ ڊاڪيومينٽري پروڊيوسر اوارڊ‘ (2009ع)، ’هينڊس اداري پاران مڃتا اوارڊ‘ (2012ع) وغيرہ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.08.01  عيسوي

ٽي. وي پـروڊيـوسر ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ ولد غلام حيدر سولنگي، پهرين آگسٽ 1971ع تي ڳوٺ سهتا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب سنڌي
علي قلي بيگ مرزا
قابل ڏاهري
رحمت ﷲ ماڃوٺي
سرور سيف
اي جي اتم
علي ڏنوعاجز لنڊ
خالد سنڌي
نور الدين سرڪي
رياضت ٻرڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون