
غلام محمد ڀٽي
غلام محمد ڀٽي: ٻاراڻي ادب جو مشھور ليکڪ غلام محمد ڀٽي، 4 جنوري 1973ع تي باڊھہ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ون باڊھہ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊھہ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ ٽائيپنگ ڪورس پڻ ڪيل اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1991ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري، مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هيءُ مختلف اخبارن جو صحافي پڻ رهيو آهي، جن ۾ روزاني هلال پاڪستان، روزاني سنڌو، روزاني عوامي آواز ۽ سوڀ وغيرہ قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ماهوار سڦلتا مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ آهي. غلام محمد ڀٽي سوڀ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جو باني ميمبر، سرواڻ ڀلائي سماجي سنگت باڊھہ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت باڊھہ جو ميمبر، نيشنل پريس ڪلب باڊھہ جو ميمبر، باڊھہ شھري اتحاد جو ميمبر رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ٻالڪ پيارا ٻولي پياري’ (1993ع)، ‘رنگ برنگي گيت’ (2004ع)، ‘گل ستارا ٻار’ (2013ع) ۽ ‘پيار ڪجي يا تڪرار ڪجي’ (2017ع) قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. روزاني عوامي آواز طرفان بھترين ليکڪ طور ‘جوت اوارڊ’ (1992ع)، روشن تارا مئگزين طرفان ‘بھترين ليکڪ اوارڊ’ (2002ع)، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران ‘مڃتا اوارڊ’ (2009ع)، عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران ‘تنوير عباسي اوارڊ’، ثقافت کاتي سنڌ طرفان ‘مڃتا سرٽيفڪيٽ’ (2013ع) وغيرہ قابل ذڪر آهن. غلام محمد ڀٽي روزگار سانگي باڊھہ شھر ۾ ڪريانه جو دڪان هلائيندو آهي. کيس نون ٻارن جو اولاد آهي.
1973۔01۔04 عيسوي
ٻاراڻي ادب جو مشهور ليکڪ غلام محمد ڀٽي، 4 جنوري 1973ع تي باڊهه، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.