غلام محمد ڀٽو: شاعر ۽ استاد غلام محمد ڀٽو ولد محمد يوسف، 10 اپريل 1922ع تي ضلعي سجاول جي شھر ‘ٻنون’ ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل پنجاب جا ھئا، جيڪي بعد ۾ ٻنون شھر ۽ پوءِ دڙي شھر ۾ آباد ٿيا. غلام محمد ڀُٽي جي تعليم مئٽرڪ ھئي. ھن تپيداري ڪورس پاس ڪيو ۽ 1946ع ۾ سپروائيزنگ تپيدار ٿيو. غلام محمد ڀُٽي کي شاعريءَ ۽ علم و ادب سان لڳاءُ پنھنجي پيءُ کان ئي مليو. ان کان سواءِ دڙي جي ھڪ ٻئي شاعر مولوي محمد عثمان ‘پروان’ سمي سندس ادبي تربيت ڪئي. کيس شاعريءَ کان سواءِ تاريخ سان بھ دلچسپي ھئي. سندس پھريون ڪتاب ھندستان جي مغل بادشاھھ اڪبر اعظم ۽ سندس نون رتنن جي باري ۾ ‘ماھھ و انجم’ جي نالي سان 1959ع ۾ فردوس پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ان کان سواءِ سندس شعري مجموعو ‘پرواز خيال’ پڻ شايع ٿيل آھي. غلام محمد ڀُٽي حضرت محمد صھ جي سيرت مبارڪ مسلسل نظم ۾ پڻ لکي، ۽ ان کان سواءِ مغل بادشاھھ جھانگير جي باري ۾ ‘زنجير عدل’ جي نالي سان پڻ ڪتاب لکيائين.
غلام محمد ڀُٽي 1970ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھھ پير قل قبرستان، دڙي ۾ آھي.