
مولانا غلام محمد ملڪاڻي جي مزار
غلام محمد ملڪاڻي، مولانا: مولانا غلام محمد ملڪاڻي ولد حاجي بچل خان، 14 رمضان المبارڪ 1276ع ھہ بمطابق 15 اپريل 1860ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن مجيد جي تعليم آخوند عبدالڪريم کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ دادوءَ جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌي فائنل پڙهيو. عربيءَ جي اعليٰ تعليم مولانا محمد حسن حيدرآباديءَ جي مدرسي دادو مان ورتائين. اتي ’بھار دانش‘ ۽ انورِ اسميلي تائين پڙهيو. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم مولانا حاجي حسن ﷲ پاٽائي، مولانا عطاءُ ﷲ فيروزشاهي ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. هن عربيءَ جي اعلى تعليم حضرت مولانا محمد حسن حيدرآباديءَ کان ورتي. فارغ التعليم ٿيڻ کانپوءِ چاليھہ سال درس و تدريس جي ڪم ۾ مشغول رهيو. سندس حلقہ درس مان هزارين شاگرد تفسير، حديث، فقھ، ادب معاني ۽ بديع جي اعلى تعليم حاصل ڪري فيضياب ٿيا. مولانا غلام محمد ملڪاڻي زندگيءَ جو ڪجهہ حصو هندستان، پنجاب، عراق ۽ حجاز جي سير و سفر ۾ گذاريو. مڪي شريف ۾ وڏن عالمن سان سندس علمي گفتگو ۽ مباحثا رهيا. 1319ھہ/ 1901ع ۾ هندستان جو سفر ڪيائين، جتي مڙن ئي مشائخن جي خدمت ۾ رهي طريقت جي چئن مشھور سلسلن جون سندون حاصل ڪيائين. سنڌ ۾ حضرت خواجہ آغا عبدالرحمان خان سرهندي کان نقشبندي طريقي ۾ دستِ بيعت ٿيو. ان کانپوءِ حضرت خواجہ ولي محمد ڪاتيارويءَ جي حلقہ ارشاد ۾ ’سھروردي طريقي‘ جي تڪميل ڪيائين. تنهن کان پوءِ مهڙا شريف واري بزرگ خواجہ محمد قاسم نقشبنديءَ کان نقشبندي طريقي ۽ مولانا خواجہ مھر علي شاھہ گولڙا شريف واري کان چشتي طريقي جي سنَد ورتائين.
سندس مشھور ڪتابن ۾: (1) سبيل الرشاد (عربي زبان ۾ فن وعظ ۽ تاريخ جو بينظير ڪتاب، چار جلد، هرهڪ جلد ۾ ٻارهن وعظ، چئني جلدن ۾ 48 وعظ آهن. سندس دستور هو تہ مهيني جي هر پهرئين جمع تي پنھنجي خانقاھہ شريف تي وعظ ڪندو هو، تنهنڪري هرهڪ جلد ۾ اهي سندن بھترين تقريرون سڄي سال جون جمع ڪيل آهن)، (2) تنقيح المقاصد و المعاني، (3) حسن الخطاب في اثبات البقاب، (4) تعويذ ﷲ الاحد، (5) نتيجة الافڪار و المحن في الرد علي المفتي الماجن، (6) تحفة الاقران، (7) تاريق عباد ﷲ في جواز يا رسول الله، (8) السيف القهري علي عنق النو شهري، (9) ذلاقة الڪبيره في تحقيق نڪاح الصغيرة، (10) عمدة الرسائل، (11) منح الملڪ الجليل في جواز القيام والمعانقة و التقبيل، (12) الحق الصريح، (13) فتح الخلاق في الرد علي عبدالرزاق، (14) ايقاظ الناعس الغبي في عدم ايقاع طلاق الصبي، (15) زجر الغوي البليد في تحقيق و جوب النقليد، (16) القول الحسان، (17) ترويح جنان المنصقين، (18) ز جرالفضيح، (19) تحفة العارفين الصوفيه، ۽ (20) ايضاح لمااشتبه عليٰ الملاح. انهن کان سواءِ سندن ٻيا بہ ڪجهہ مختصر رسالا لکيل آهن.
پاڻ ڀلوڙ شاعر بہ هو. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪُٺن کي قرب مان ٿو سڄڻ سڏ ڪري،
انا لھ اشد شوقاً پرين ناھہ پري،
آڏيءَ سر ڌري، ووڙين ڇو نہ وصال کي.
-
سڄڻ تنھنجي سڪ ۾، ٻريا محل ماڳ،
اچي مل مون پرين، تہ سولو ٿئيم سڀاڳ،
وارث واري واڳ، آ مٺا ملڪاڻين ۾.
سندس شاگردن جو وڏو تعداد هو، جن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو، جن ۾ مولانا عبدالرحيم سابق معلم فقھ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، مولوي امير محمد شاھہ اميناڻين وارو، مولوي محمد ڪامل ملڪن وارو، مولانا محمد حسن سيالن وارو، مولوي عبدالخالق جهلي وارو، مولوي خان محمد جوهيءَ وارو، مولوي محمد کڏن وارو، مولوي عبداللطيف لکين وارو وغيرہ خاص آهن.
کيس ٻہ فرزند ٿيا، جن مان هڪڙو احمد مجتبيٰ ‘غالب’ ملڪاڻي سنڌ جو مشھور شاعر هو. جنهن وٽ ئي سندس ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود هئا. ان جي وفات کانپوءِ انهيءَ وڏي لائبرريءَ بابت ڪا بہ خبر نہ پئي آهي. مولانا غلام محمد ملڪاڻي ‘خلافت تحريڪ’ ۾ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. ‘خلافت ڪانفرنس’ جيڪا حيدرآباد ۾ منعقد ٿي ان جي صدارت ڪئي هئائين. ان کانپوءِ ‘ڪانگريس’ ۽ ‘مسلم ليگ’ جماعتن ۾ ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين ۽ آخر مسلم ليگ جي حمايت ڪيائين. مولانا غلام محمد ملڪاڻي 22 جمادي الثاني 1354ھہ بمطابق 22 سيپٽمبر 1935ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار دادو تعلقي جي ڳوٺ ‘ملڪاڻي شريف’ ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.