
غلام محمد غازي
غلام محمد غازي: ٻاراڻي ادب جو نامور شاعر غلام محمد غازي ولد محمد سومر مهر، 9 اپريل 1955ع تي عبدو، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ ايم. ايس. سي آهي. پاڻ 1972ع ڌاري رجسٽريشن آفيس سکر ۾ ملازم مقرر ٿيو، جتان 1977ع ۾ استعيفا ڏنائين. 1978ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. ادب ۾ لکڻ جو آغاز شاگرديءَ واري دور کان ڪيائين. سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. غلام محمد غازي سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدو جي بنياد وجهندڙن مان آهي. هيءُ ان جو ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي آڊيٽر ۽ ضلعي شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري رهيو. غلام محمد غازي ڪيترين ئي ادبي توڙي سماجي تنظيمن جو اڳواڻ ۽ ميمبر رهيو آهي. شاھہ لطيف سوشل ڪلچرل ايسوسيئيشن عبدو جو باني، آزاد سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن عبدو جو سرپرست، سلسليوار ديدار لطيف مئگزين حيدرآباد جو سرپرست، گسٽا يونٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر جو سيڪريٽري، لطيف سنگت ضلعي شڪارپور جو نگران پڻ رهيو آهي. هن نامور شاعر نثار بزمي ۽ اظهر گيلانيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. هن ٻارن لاءِ ڪافي لکيو آهي. سندس ڪيترائي ٻارن لاءِ گيت ريڊيو، پي ٽي ويءَ تان ٻارن جي پروگرام ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. پهرئين درجي جي نصاب ۾ سندس نظم ڏنل آهي. هي روزاني ‘پاڪ سنڌ’ سکر جي ٻارن جي هفتيوار صفحي ‘ٻار گلن جا هار’ جو ڪيترو وقت انچارج رهيو آهي. ٻاراڻي شاعريءَ جا سندس 13 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ‘ٻار گلن جا هار’ (1992ع)، ‘مرڪندڙ مکڙيون’ (1997ع)، ‘سائنس بخشي سونهن’ (1999ع)، ‘ڌرتيءَ جا تارا’ (نثار بزمي: ترتيب: 2000ع)، ‘وطن گل آمون لئہ’ (2002ع)، ‘رانديڪن سان راند’ (2003ع)، ‘پئي سمجهائي'>سائنس پئي سمجهائي’ (2003ع)، ‘گيت پنھنجي ديس جا’ (2004ع)، ‘رنگ برنگي گيت’ (2006ع)، ‘ڀنڀوري’ (2007ع)، ‘مرڪون’ (2009ع)، ‘اسان جي ڌرتي’ ۽ ‘سنڌي گيت’ (2014ع) شامل آهن. سندس هڪ ڪتاب ‘مرڪندڙ مکڙيون’ تي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران انعام ۽ اوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. هيءُ 2015ع ۾ رٽائر ٿيو.