غلام محمد خان ٽالپر جي قبر: هي مقبرو ٽالپرن جي قبرستان هيرآباد، حيدرآباد ۾ آهي. هي قبر قبرستان جي اتر وارين قبرن جي ميڙ ۾ آهي. مقبري جي عمارت کي ٻہ دروازا ڏنل آهن. هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو اولھہ طرف. مقبري کي ٻہ دريون ڏکڻ ۾ ڏنل آهن. ڇت سائي رنگ سان رڱيل آهي، جڏهن تہ مقبري جون ڀتيون اڇي چُن سان لنبيل آهن. هن مقبري جي اڀرندي پاسي 5 قبرون آهن. جن مان چار قبرون مير بجار خان جي خاندان ۽ ٻين سان واسطو رکن ٿيون. قبر ماربل جي پٿر مان ٺهيل آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:
وفات مرحوم غلام محمد خان ٽالپور
بتاريخ 17 ماھہ ربيع الاول سن 1257 ھہ.