سردارغلام محمد خان مهر

سردارغلام محمد خان مهر

غلام محمد خان مھر سردار

غلام محمد خان مهر، سردار: مشھور سياستدان غلام محمد مهر، حاجي خان مھر جي گهر ۾ ڄائو. ٿوري گهڻي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سردار علي گوهر جي وفات 1962ع کانپوءِ کيس سرداريءَ جي پڳ ملي. هن بہ سردار علي گوهر وانگر سياست ۾ چڱي نموني بھرو ورتو. هن ملڪ توڙي غير ملڪي حڪمرانن سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪيا. جن مان شيخ زيد بن نهيان ۽ ان جي خاندان سان دوستي هيس. 1970ع وارين چونڊن ۾ تعلقي اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي، گهوٽڪي ۽ پني عاقل واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي سردار نور محمد سان مقابلي ۾ مسلم ليگ طرفان بيٺو، پر سردار نور محمد جيئن تہ پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار هو، تنهن ڪري ڪامياب ٿي نہ سگهيو. 1974ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، تہ 1975ع ۾ کيس سينيٽ جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. 1977ع ۾ گهوٽڪي، پني عاقل واري قومي اسيمبليءَ واري سيٽ تي منتخب ڪيو ويو. 1982ع ۾ جڏهن سنڌ جو گورنر ايس. ايم. عباسي هو تہ کيس سنڌ جي صحت کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ ساڳئي حلقي مان نصير احمد انڍڙ جي مقابلي ۾ اليڪشن کٽي، محمد خان جوڻيجي جي ڪابينا ۾ صحت جو وزير ٿيو. انهي دور ۾ هن حلقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. 1982ع کان 1992ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو بنا مقابلي چيئرمئن رهيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ ڀرچونڊي جي پير ميان عبدالحق عرف مٺو کان هارائي ويو، جو هو پيپلز پارٽيءَ ۾ هو. اهڙي نموني 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار ڄام سيف ﷲ ڌاريجي کان هارائي ويو. 1990ع کان 1993ع تائين ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاھہ جي وڏ وزارتن ۾ سندن مشير رهيو. 1993ع ۾ پنھنجي حلقي تان ڪامياب ٿيو. هو امين طور مشھور هو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ چئن هزارن کان مٿي فيصلا ڪيا، توڙي جو هن وٽ ايتري تعليم ڪانہ هئي، پوءِ بہ اعليٰ بصيرت جو مالڪ هو. پاڻ 9 اپريل 1995ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس خانڳڙھہ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو