غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد: فلائيٽ ليفٽيننٽ شھيد غلام عمر عباسيءَ جو جنم 14 آگسٽ 1936ع تي، منڇر ڪنڌيءَ جي ڳوٺ شاھه حسن، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، جوهي ۽ دادوءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ انٽر جو امتحان 1957ع ۾ سينٽ پيٽرڪ هائي اسڪول ڪراچي مان پاس ڪيو. 1958ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ جي ڊي پائلٽ جي طور شموليت اختيار ڪئي، جڏهن تہ فوج جي ڪميشن 1960ع ۾ حاصل ڪئي. 1965ع جي جنگ ۾ مثالي ڪارنامن تي کيس ‘تمغه بصالت’ جو اعزاز حاصل ٿيو. 04 اپريل 1968ع تي، ملڪ کان ٻاهر جنگ ۾ حصو وٺندي شھيد ٿيو. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ شاھہ حسن ۾ ٿي. سندس خدمتن جي مڃتا طور دادو تاج محل سئنيما کان مڇي مارڪيٽ تائين روڊ شھيد عمر عباسيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.08.14  عيسوي

فلائيٽ ليفٽيننٽ شھيد غلام عمر عباسيءَ جو جنم 14 آگسٽ 1936ع تي، منڇر ڪنڌيءَ جي ڳوٺ شاھه حسن، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


1968.04.04  عيسوي

غلام عمر عباسي شھيد 04 اپريل 1968ع تي، ملڪ کان ٻاهر جنگ ۾ حصو وٺندي شھيد ٿيو. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ شاهه حسن ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا رفيق
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
احمد ابراهيم
مولانا جلال الدين ٺٽوي
پير شيخ جيئو
ابراهيم جليس
مير امام بخش خان ٽالپر
جوش شيخ عبدالحليم
ثناءُ ﷲ عباسي ڊاڪٽر
تيرٿ سڀاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون